ملڪ جي سياسي ۽ عدالتي نظام ۾ زلزلا !

تحرير: علي محمد ميمڻ

ملڪ جي سياست ۽ عدالتي نظام ۾ وڏي پيماني تي زلزلا ۽ نوان منظرناما نروار ٿي رهيا آهن ۾ عام چونڊن وارو وقت جيئن جيئن ويجهو اچي رهيو آهي ته سياسي سرگرميون ۽ گهما گهمي پڻ وڌي رهي آهي. ملڪ جي ٽن وڏين سياسي جماعتن پاڪستان پيپلز پارٽي، پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ نواز ۽ صوبن ۾ سرگرم سياسي جماعتون هڪٻئي جي خلاف ميدان ۾ لهي رهيون آهن ۽ ملڪ ۾ جلسن ۽ جلوسن وارا سلسلا وڌي رهيا آهن.

ٻئي پاسي ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ٻن سينئر ترين ججن جسٽس مظاهر اڪبر نقوي ۽ ان بعد جسٽس اعجاز الاحسن طرفان پنهنجن عهدن تان استعفي ڏيئي وڃڻ سان ملڪ جي عدالتي سرشتي جي هن وقت سموري قيادت  سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، جناب جسٽس فائز عيسي قاضي جي چوڌاري گڏ ٿي رهي آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪجهه وڌيڪ ججن جي استعفائن ۽ انهن خلاف تحقيقات شروع ٿيڻ واريون خبرون پڻ منظر عام تي اچي رهيون آهن. جنهن سان ملڪ ۾ غيرمعمولي صورتحال پيدا ٿي ويئي آهي. ملڪ ۾ مٿاهين سطح تي آرمي چيف جي ڊرامائي انداز ۾ آيل تبديلي بعد تبديلين وارو اهو سلسلو لڳاتار جاري آهي.

ملڪ جي  سياست ۽ ادارن ۾  ننڍن وڏن لوڏن جي جاري رهڻ بعد هاڻي ملڪ جي عدالتي نظام ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ پڻ زلزلن واري صورتحال پيدا ٿي ويئي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ پيدا ٿيل هن نئين غير معمولي صورتحال کي هن کان اڳ ملڪ ۾ آيل تبديلين سان ڳنڍيل ۽ تبديلين واري جاري عمل جي هڪ سلسلي يا ڪڙيءَ  طور ڏٺو پيو وڃي.

ملڪ ۾ عام چونڊن جي حوالي سان انتظامن ۽ تيارين جو جيڪڏهن جائزو وٺجي ته اليڪشن ڪميشن آف  پاڪستان طرفان پنهنجا انتظام تيزي سان مڪمل پيا وڃن. مختلف سياسي جماعتن ۽ آزاد اميدوارن طرفان سڄي ملڪ ۽ سمورن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي تڪن تي هزارين اميدوارن طرفان پنهنجيون درخواستون جمع ڪرايون ويون ۽ انهن مان جيڪي قانون ۽ قاعدن مطابق هيون اهي بنادير منظور ڪيون ويون ۽ جن اميدوارن جا ڪاغذ نامڪمل هئا ياانهن تي ڪي ڪيس يا اعتراض داخل ڪيا ويا هئا ته انهن کي رد ڪيو ويو ، اهڙي ريت، انهن بابت اميدوارن ۽ مخالفن جي اپيلن کي ٻڌڻ وارين عدالتن پڻ ڇنڊ ڇاڻ وارو پنهنجو ڪم لڳ ڀڳ مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ هاڻي اصل اميداوار ۽ مقابلن ۾ لهندڙ اميدوارن جون فهرستون شائع ٿيڻ وارو ڪم رهيل آهي جنهن کي پڻ تيزي سان مڪمل ڪيو پيو وڃي. اهڙي ريت، عام چونڊن لاءِ  درست قرار ڏنل اصل اميدوارن لاءِ  سياسي جماعتن طرفان پنهنجا ٽڪيٽ جاري ڪرڻ وارو ڪم پڻ مڪمل ڪيو پيو وڃي ۽ جيئن ۽ مختلف سياسي پارٽين کي مليل وقت موجب پنهنجن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي اميدوارن جي فهرست ۽ سرٽيفيڪيٽ ۽ سياسي پارٽين جي چيئرمين ۽ صدر جي منظوري سان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ پنهنجا اٿارٽي ليٽر جمع ڪرايا ويندا ته انهن بنيادن تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان سياسي پارٽين جي اميدوارن جي فهرست سان گڏ انهن جي چونڊ نشانن سميت شائع ڪيو ويندو ۽ عوام جي آگاهي لاءِ  انهيءَ  کي ملڪ جي ميڊيا ، اخبارن ۽ ٽي وي چينلن ذريعي ووٽرن ۽ عوام لاءِ  عام ڪيو ويندو.

ملڪ ۾ هلندڙ چونڊن وارين سرگرمين ۽ مختلف سياسي جماعتن جي تيارين ۽ عوامي رابطا مهمن ۽ جلسن، جلوسن يا سرگرمين جي هن وقت تائين جي رپورٽ جا جائزو پيش ڪجي ته، ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيڻ ۾ هڪ مهيني کان به گهٽ وقت وڃي بچيو آهي پر ملڪ ۾ صرف هڪ جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي  قيادت ۾ مختلف صوبن ۽ شهرن ۾ پنهنجا جلسا ۽ سرگرميون وڏي پيماني تي ڪري رهي آهي ۽ ملڪ ۾ پنهنجو چونڊن وارو منشور تيزي سان پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿي رهي آهي. جڏهن ته ٻيون جماعتون اڃا تائيڻ پنهنجيوڻ سياسي سرگرميوڻ   باقاعدي نموني شروع نه ڪري سگهيون آهن.

ايئن معلوم ٿي رهيو آهي ته شايد ملڪ ۾ اعلان ڪيل عام چونڊن لاءِ  ٻيون جماعتوڻ ذهني طور تي تيار ئي نه هيون ۽ هاڻي مجبوري واري حالت ۽ بي دليءَ  سان چونڊن واري عمل ۾ شامل ٿي پنهنجي بقا لاءِ  هنن چونڊن ۾ لهي رهيون آهن. جڏهن ته پاڪستان پيپلز گذريل ٻن سالن کان لڳاتار چونڊن جي تياري ڪرڻ ۽ پنهنجي سياست مطابق قدم کڻڻ ۽ سياسي حڪمت عملي کان عوام کي آگاهه رکڻ لاءِ  عوامي رابطا مهم هلائي رهي هئي ۽ چونڊن وارو وقت جيئن جيئن ويجهو اچي رهيو آهي ته، هن جماعت جي سرگرمين جي سموري ملڪ ۾ رفتار تيز ٿي رهي آهي. دلچسپ ڳالهه آهي ته، پنجاب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽چيرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ڀرپور استقبال ڪيو پيو وڃي ۽ گجرانوالا بعد لاهور ۽ گذريل ڏينهن فيصل آباد ويجهو تاندليانوالا ۾ وڏي ورڪر ڪنوينشن ۽ جلسن ۾ هزاريڻ ماڻهن جي شرڪت جا منظر ڏسڻ۾ آيا آهن. هاڻي جيڪڏهن اهي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ورڪرن ۽ ڪارڪنن جا ايڏا وڏا اجتماع هئا ته پوءِ  عوامي جلسا يقينن انهن کان ڏهوڻا يا ان کان به وڌيڪ ٿي سگهن ٿا ۽ اڃا پنجاب ۽ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ جلسن جو پروگرام مطابق سلسلو پڻ شروع ٿي ويوآهي ۽ اها پڻ حقيقت آهي ته ملڪ ۾ عام چونڊن وارو اصل مقابلو ۽ سڀ کان وڌيڪ سيٽون پڻ پنجاب ۾ ئي آهن.

سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مقابلي لاءِ  پاڪستان تحريڪ انصاف، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي)، مسلم ليگ نواز ۽ ايم ڪيو ايم ۾ صف بنديون پڻ ٿي رهيون آهن پر انهن جماعتن  جي  روائتي سياست ۾ داخل ٿيل آمر جنرل ضياء الحق جي پٽ اعجاز الحق جي، جي ڊي اي جي سربراهه پير پاڳاري سان ملاقات ۽ چونڊن ۾ اتحاد ڪرڻ جا سنڌ جي سياست تي ڪهڙا اثر ٿيندا انهن جو اندازو پڻ لڳائي سگهجي ٿو . ڇاڪاڻ جو سنڌ ۾ اعجازالحق يا جنرل ضيا الحق جو ته ڪوبه ووٽ بئنڪ موجود ئي ناهي پر سنڌ جي عوام ۾ تمام گهڻي مخالفت ضرور آهي. ضيا گروپ جو مثال انهيءَ  “”تووي يا ڪاري ديڳڙي“ وانگر آهي جو جيڪو انهن جي ويجهو ايندو ته ڪارو ٿيندو. اهڙي ريت پاڪستان تحريڪ انصاف جي سنڌ ۾ خاموشي پڻ ان جماعت جي سنڌ مان صاف ٿيڻ جو سبب بنجي سگهي ٿو. بلوچستان ۽  خيبر پختونخواهه ۾ پڻ هن وقت تائين رڳو پاڪستان پيپلز پارٽي جا ئي جلسا ٿيا آهن ۽ انهن ٻنهي صوبن ۾ مسلم ليگ نواز، پاڪستان تحريڪ انصاف، عوامي نيشنل پارٽي، جميعت علماءِ اسلام ، نيشنل پارٽي، بلوچستان نيشنل موومينٽ جو پڻ وڏو ووٽ بئنڪ آهي.هاڻي اهي جماعتوڻ پنهنجي ووٽرن ۽ حامين کي ٿورڙي وقت ۾ ڪيترو متحرڪ ڪري سگهنديون  ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون ڪيتريون سيٽون حاصل ڪري سگهنديون ان بابت هن وقت ڪجهه به يقين سان چئي نه ٿو سگهجي. پر انهن جماعتن ۾ موجود گهٽ سياسي سرگرميون ۽ ڇانيل ماٺار ڪا سٺي ڳالهه به ناهي، ان صورتحال جا سندن جماعتن جي چونڊ نتيجن تي بلڪل ناڪاري اثر پئجي سگهن ٿا. ڇاڪاڻ جو اهي سياسي جماعتون اڳ به حڪمران پڻ رهي چڪيون آهن انهن جي اڳواڻن کي چونڊن واري اعلان کان اڳ ئي پنهنجي عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ گهرجي ها پرانهن جي صفن ۾ موجود مونجهارا ۽ خاموشي يقينن توجه طلب ۽ ڳڻتي واري پڻ آهي.

ملڪ ۾ سياسي جماعتن جي تيارين ۽ سياسي سرگرمين جي هاڻوڪي صورتحال موجب، ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته، ملڪ کي لاڳو معاشي گهوٽالن، رياست ۽ رياستي ادارن ۾ ٿيل تبديلين ۽ ڀڃ ڊاهه واري صورتحال سان گڏوگڏ سپريم ڪورٽ سميت ملڪ ۾ موجود طاقتور عدالتن ۽ آزاد ۽ زورآور ميڊيا ۽  مهانگائي، بک ۽ بيروزگاري واري حالت جي شڪار مڇريل عوام کي منهن ڏيڻ لاءِ  مسلم ليگ نواز سميت ڪا به ڌر  ملڪ جي قيادت ڪرڻ ۽ حڪومت جي ذميواري سنڀالڻ لاءِ  شايد تيار نه آهي. شايد اهو خيال ڪيو پيو وڃي ته جيڪا به ڌر حڪومت ٺاهيندي ته هو ملڪ جي  مسئلن کي منهن ڏيئي نه سگهندي ۽ هو عوام جي ڪاوڙ جو شڪار ٿيڻ ڪري شايد حڪومت به جاري رکي نه سگهي. تنهنڪري  زلزن ۽ بي شمار بحرانن جي شڪار ملڪ ۾ هڪ بي وس ۽ بي اختيار حڪومت جي ذميوار کڻڻ بجاء  پاڻ لاءِ  بچاءُ وارو رستو اختيار ڪرڻ مناسب سمجهيو پيو وڃي. جنهن جي نتيجي ۾ واحد پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڳتي اچي ملڪ کي بحرانن مان ٻاهر ڪڍڻ ۽ سمورين پارلياماني ۽ سياسي ڌرين کي پاڻ سان گڏ ڪري گهڻ جماعتي حڪومت قائم ڪرڻ جي ذميواري کڻڻ ڪري ممڪن آهي ته هن ڀيري اهو ئي واحد محفوظ رستو آهي جنهنڪري امڪاني طور تي چونڊن جا نتيجا هڪطرفا ٿي سگهن ٿا ۽ باقي جماعتون پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت واري حڪومت ۾ شامل ٿيڻ يا وفاق ۽ صوبن ۾اتحادي حڪومتن جو حصو بنجڻ لاءِ  تيار ٿي رهيون آهن.

 

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ٻن سينئر ترين ججن جسٽس مظاهر اڪبر نقوي ۽ ان بعد جسٽس اعجاز الاحسن طرفان پنهنجن عهدن تان استعفي ڏيئي وڃڻ سان ملڪ جي عدالتي سرشتي جي هن وقت سموري قيادت  سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، جناب جسٽس فائز عيسي قاضي جي چوڌاري گڏ ٿي رهي آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪجهه وڌيڪ ججن جي استعفائن ۽ انهن خلاف تحقيقات شروع ٿيڻ واريون خبرون پڻ منظر عام تي اچي رهيون آهن. جنهن سان ملڪ ۾ غيرمعمولي صورتحال پيدا ٿي ويئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.