شهباز شريف ڪراچي مان ايم ڪيو ايم جي مصطفيٰ ڪمال جي حق ۾ هٿ کڻي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف ڪراچي مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 242 تان ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال جي حق ۾ هٿ کڻي ورتو .
نون ليگ اڳواڻ راڻا مشهود ٻڌايو ته شهباز شريف ڪراچي جي ضلعي ڪياماڙي مان قومي اسيمبلي جي سيٽ تان هٿ کڻي ورتو آهي، شهباز شريف جا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ آيو آهيان.
واضح رهي ته ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان وچ ۾ ڪراچي تان قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 242 تي ڪيئي ڏينهن کان ڊيڊ لاڪ هو ۽ ٻنهي پارٽين جا اڳواڻ سيٽ ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئا ان معاملي تي ٻنهي پارٽين جي وفدن هڪٻئي سان ڪيتريون ملاقاتون پڻ ڪوين هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.