حڪومت پاران رٽائرڊ ججز خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ وارو قانون چئلينج ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جسٽس مظاهر نقوي جي وڪيل سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ چيو آهي ته استعيفيٰ کانپوءِ هاڻي قانوني طور حڪومت جسٽس مظاهر خلاف ڪارروائي نٿي ڪري سگهي جنهن تي حڪومت سپريم ڪورٽ جي ان قانون کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر نقوي خلاف شڪايت وارو معاملو بحث هيٺ آيو.
جڊيشل ڪائونسل مظاهر نقوي ۽ سندس وڪيل خواجا حارث کي نوٽيس جاري ڪيا هئا، جڏهن ته سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ شڪايتن کي منهن ڏيندڙ جج جسٽس مظاهر نقوي استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي.
اجلاس دوران خواجا حارث جي مددگار وڪيل چيو ته خواجا حارث لاهور مان اچي رهيو آهي، اسان کي ڪائونسل جي ڪارروائي تي اعتراض آهي، مظاهر نقوي هاڻي جج ناهي رهيو سندس خلاف ڪارروائي نه ڪئي وڃي.
اجلاس ۾ رجسٽرار مظاهر نقوي جي وڪيل خواجا حارث جو موڪليل جواب پڙهي ٻڌايو ته ڪائونسل رڳو سپريم ڪورٽ جي جج خلاف ڪارروائي ڪري سگهي ٿي، رٽائرڊ جج خلاف ڪارروائي نٿي ٿي سگهي.
جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته رٽائرڊ جج خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ واري فيصلي خلاف عافيا شهر بانو ڪيس جي فيصلي تي اسان اپيل داخل ڪري رهيا آهيون.
چيف جسٽس چيو ته عافيا شهر بانو ڪيس جي فيصلي موجب، سپريم جڊيشل ڪائونسل رڳو جج خلاف ئي ڪارروائي ڪري سگهي ٿي، ان ڪيس کي وري اٺ فيبروريءَ چونڊن کانپوءِ ٻڌنداسين.
سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي پندرنهن فيبروريءَ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ٻئي پاسي عدالت ڪائونسل اڄوڪي اجلاس جو حڪمنامو لکت ۾ جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾چيو ويو آهي ته ته اٽارني جنرل چيو ته هو عافيا شهر بانو فيصلي خلاف اپيل داخل ڪري رهيا آهن.
حڪمنامي موجب، اٽارني جنرل چيوپ ته کين اِها هدايت وفاقي حڪومت طرفان ملي آهي انڪري اِهو اجلاس 15 فيبروريءَ تائين ملتوي ڪيو وڃي ٿو.
هوڏانهن حڪومت عافيا شهربانو ڪيس ۾ اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ رٽائرڊ ججز خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ واري فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي ويندي، اٽارني جنرل فيصلي بابت سپريم جڊيشل ڪائونسل کي باظابطا طور آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.