جماعت اسلامي وارا رڳو ڳالهيون ڪرڻ ۾ کٽي سگهن ٿا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ميئر ڪراچي بئرسٽر مرتضيٰ وهاب جماعت اسلامي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جماعت اسلامي وارا چونڊن ۾ نه رڳو ڳالهيون ڪرڻ ۾ کٽي سگهن ٿا.
ميئر ڪراچي بئرسٽر مرتضيٰ وهاب فرئر هال ۾ چوٿين ميري گولڊ فيسٽيول جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مختلف رنگن جا هڪ لک کان وڌيڪ گل ڏسي خوشي ٿي، شهر کي سرسبز شاداب بنائڻ چاهيون ٿا.
هن چيو ته اسان جو شهر ڏاڍو خوبصورت آهي، جنهن جي هاڪاري رخ کي سامهون آڻڻ جي ضرورت آهي، سفاري پارڪ ۾ نوان جانور متعارف ڪرائي رهيا آهيون.
مرتضيٰ وهاب چيو ته ڳالهيون ڪرڻ وارن کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪندا رهن اسان پنهنجو ڪم جاري رکنداسين، جماعت اسلامي رڳو ڳالهين ڪرڻ ۾ کٽي سگهي ٿي، مان اڄ چوان ٿو فرئير هال جي عمارت به جماعت اسلامي وارن ٺاهي هئي.
هن پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو ته بيٽ ڪنهن به قسم جي ڀڃ ڊاهه لاءِ نه هئڻ گهرجي، ليول پليئنگ فيلڊ هر سياسي پارٽي کي ملڻ کپي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت سان گڏجي شهر جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، شهر ۾ نيون بسون به پبلڪ ٽرانسپورٽ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اچي ويون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته اسان جي اچڻ کان پهرين ڪي ايم سي جي انڪم 58 ڪروڙ هئي جيڪا هاڻ هڪ ابر کان وڌي چڪي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ ڪي ايم سي 24 ڪروڙ جي ريڪوري ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.