پشاور ( ويب ڊيسڪ ) پشاور پوليس جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ اي اين پي اڳواڻ ايمل ولي خان تي آپگهاتي حملي جي رٿابندي ڪندڙ ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ايس ايس پي آپريشز سي ٽي ڊي نجم الحسنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته متني ۾ آپگهاتي حملو ڪندڙ جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي جوابدارکي گرفتار ڪري ورتو.
ايس ايس پي سي ٽي ڊي موجب، گرفتار آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ عادل خان جي نالي سان ٿي آهي جڏهن ته دهشتگرد جي نشاندگي تي سندس ٻئي ساٿي طاهر کي اچيني مان گرفتار ڪيو ويو.
نجم الحسن اِهو به ٻڌايو ته دهشتگردن کي مولانا فضل الرحمان ۽ ايمل ولي خان تي آپگهاتي حملو ڪرڻو هو، دهشتگردن جو واسطو داعش خراسان سان آهي.