ق ليگ جو ن ليگ کي سيٽ ايڊجسٽمينٽ کان انڪار

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ( ق ) نون ليگ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
مسلم ليگ ق طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سيٽ ايڊجسٽمينٽ نه ڪرڻ جو فيصلو چوڌري شجاعت حسين جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو.
پڌرائي موجب، ن ليگ اسان جي گهربل تڪن ۾ پنهنجا اميدوار بيهاري ڇڏيا آهن، پارٽي قيادت فيصلو ڪيو آهي ته اسان ٻٽي معيار جو شڪار نه ٿينداسين.
چوڌري سالڪ حسين چيو ته ن ليگ هن ۽ سندس ڀاءَ خلاف گجرات ۾ پنهنجا اميدوار بيهاري ڇڏيا، ق ليگ جي صوبائي سيڪريٽري جنرل چوڌري شافع حسين به فيصلي سان اتفاق ڪيو.
پڌرائي موجب، چوڌري سالڪ حسين جو چوڻ آهي ته نون ليگ اسان مقابلو ڪندي ته اسان پنهنجي ساٿين سان گڏ بيهڻ کي ترجيح ڏينداسين.
چوڌري سالڪ ٻڌايو ته نون ليگ سان قومي اسيمبلي جي چار ۽ صوبائي اسيمبلي جي اٺ سيٽن تي ڳالهه ٻول ٿي هئي، اسان لاءِ ٻه قومي ٻه صوبائي تڪ ڇڏيا ويا، ائين نه ٿو ٿي سگهي ته رڳو مون کي ۽ منهنجي ڀاءَ شافع حسين کي سيٽ ڏني وڃي ۽ ٻين کي نه.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.