اليڪشن ڪميشن 13 پارٽين کي ڊي لسٽ ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ تي 13 سياسي جماعتن کي ڊي لسٽ ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي انٽرا پارٽي چونڊ نه ڪرائڻ واري معاملي تي ٻن سياسي پارٽين جي انٽرا پارٽي اليڪشن قبول ۽ 13 جي رد ڪري ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ 13 پارٽين کي ڊي لسٽ ڪندي چيو ته سياسي پارٽين جو رويو غيرسنجيدا هيو.
اليڪشن ڪميشن جمعيت علماءَ پاڪستان جي انٽرا پارٽي تفصيل قبول ڪري ورتا ۽ جي يو آءِ کي چونڊ نشان جاري ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن پاران پاڪستان مسلم ليگ جناح کي به چونڊ نشان جاري ڪيو ويو، جڏهن ته آل پاڪستان مائينارٽي الائنس، آل پاڪستان تحريڪ، عوامي پارٽي پاڪستان، بهاولپور نيشنل عوامي پارٽي کي ڊي لسٽ ڪيو ويو.
انٽرا پارٽي اليڪشن نه ڪرائڻ تي اليڪشن ڪميشن سڀ ڪا پاڪستان، پاڪستان امن ڪائونسل پارٽي، پاڪستان نيشنل مسلم ليگ کي به ڊي لسٽ ڪري ڇڏيو.
ان کانسواءِ اليڪشن ڪميشن، پاڪستان امن پارٽي، پاڪستان برابري پارٽي، مسيحي عوامي پارٽي، پاڪستان قومي يڪجهتي پارٽي، سني تحريڪ ۽ نظامِ مصطفيٰ پارٽي کي به ڊي لسٽ ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.