جيل ۾ روئڻو هجي ها ته گهڻو اڳ هٿ کڻي ڇڏيان ها: عمران خان

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ ) راولپنڊي جي احتساب عدالت اڳوڻي  وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشرا بي بي خلاف توشا خانه ريفرنس ۾ 4 شاهدن جا بيان قلمبند ڪري ورتا آهن.

ڊان نيوز موجب پي ٽي آءِ جي باني بشرا بي بي خلاف توشه خانه ريفرنس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪئي، عمران خان عدالت ۾ پيش ٿيو، سندس گهرواري بشرا بي بي پيش نه ٿي.

عمران خان عدالتي ڪمري ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته امجد خان تي تشدد ڪيو ويو ته جيئن هو اليڪشن نه وڙهي سگهي امجد خان آءِ سي يو ۾ آهي، اها انتها آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙو ظلم ڪڏهن به نه ٿيو، هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ٿري ٽيئرز مان ٻه ٽيئرز کان پارٽي ڇڏرائي وئي، هن وقت اسان جا انڊر 16 کيڏي رهيا آهن، 2002ع ۾ انهن مسلم ليگ (ن) کي اشارو ڏنو هو ته اهي (ق) ليگ ۾ شامل ٿي ويا.

هن  چيو ته ميان نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز سرٽيفائيڊ مني لانڊرز آهن، شهباز شريف خلاف 24 ارب جا اسڪينڊل معاف ڪيا ويا حسن نواز 18 ارب ۾ ون هائيڊ پارڪ جي ملڪيت ملڪ رياض کي وڪرو ڪئي ، سندس ڪيس معاف ڪيا ويا.

سندس چوڻ هو ته  اسان سان  ڪير ڳالهيون ڪندو  ته پوءِ ئي ڳالهيون ٿينديون، ڪير ڳالهيون ڪري ئي نٿو، جيل ۾ روئڻ جي ڳالهه ڪندڙ کي ٻڌايو ته جيڪڏهن روئڻو هجي ها ته گهڻو اڳ هٿ مٿي ڪري ڇڏيان ها، جيڪڏهن مون کي  اليڪشن نه وڙهڻ ڏني وئي  ته سپريم ڪورٽ ويندس.

عمران خان چيو ته هن وقت سپريم ڪورٽ تي وڏي ذميواري آهي، اها ئي رڳو هڪ ئي اميد آهي، سڄي دنيا سپريم ڪورٽ ڏانهن ڏسي رهي آهي، باقي سمورا ادارا ملي ويا آهن، نيب کي ڪو به شرم ناهي، نواز شريف ۽ زرداري خلاف توشاخاني جا ڪيس بند آهن ڇو ته هنن چيو ته اسان حاضر آهيون،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.