ڪيويز خلاف ڊيبيو ميچ ۾ شاندار بالنگ ڪندڙ عباس آفريدي مشهور فاسٽ بالر جو ڀائيٽو نڪتو!

آڪلينڊ ( ويب ڊيسڪ ) آڪلينڊ ۾ نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم طرفان عباس آفريدي ۽ اساما مير ڊيبيو ڪيو.
عباس آفريدي پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ بالر ۽ موجودا بالنگ ڪوچ عمر گُل جو ڀائيٽو آهي ۽ چاچي ڀائيٽي کي گرين ڪيپ پيش ڪئي.
ان موقعي تي عمر گل چيو ته هر ڪرڪيٽر جي خواهش هوندي آهي ته هو پنهنجي ملڪ لاءِ کيڏي، گرين ڪيپ ۾ موجود اسٽار لاءِ کيڏڻ اعزاز جي ڳالهه آهي.
ڪيپ حاصل ڪرڻ کانپوءِ عباس آفريدي جو چوڻ هو ته هن لاءِ پاڪستان طرفان کيڏڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، هر رانديگر جي خواهش هوندي آهي هو پنهنجي ملڪ لاءِ کيڏي، منهنجو به اِهو ئي خواب هو ۽ اڄ اهو ڏينهن اچي ويو .
ٻئي پاسي اساما مير کي اسپن بالنگ ڪوچ سعيد اجمل ڪيپ پيش ڪئي، ان موقعي تي اساما مير جو چوڻ هوته پاڪستان لاءِ کيڏڻ اعزاز آهي، گرين شرٽس لاءِ کيڏڻ هڪ خواب هو، سعيد اجمل کان گرين ڪيپ ورتي آهي، هن جيان پاڪستان ٽيم لاءِ ڪارڪردگي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.