پاڪستاني اليڪشن ۾ بليڪ مني/ ڪاري ناڻي جو ايترو ئي اثر آھي جيترو سياست جو آھي. اڄ جو اھم سوال ملڪي سياست ۾ اھو آھي ۽ ھئڻ به گھرجي ته (موجودھ اليڪشن جيڪا ٿئي پئي ان ۾ بليڪ مني/ڪاري ناڻي جو ڪيترو ڪردار پڻ ھوندو).؟ سوال اھو به اھم آھي ته اھو بليڪ مني يعني ڪاري ناڻي جو رول ڪيئن ٿيندو؟ سوال اھو به اھميت وارو آھي ته(سرڪاري سطح تي اليڪشن ۾ اپم پي اي ۽ ايم اين اي جي تڪ تي اليڪشني خرچ طئي ٿيل آھي پر عام طور تي ان کان ڪيترائي دفعا مٿي رقم خرچ ٿئي ٿي جيڪا پڻ ڪروڙن ۾ اچي وڃي ٿي).؟
ھتي ھن اليڪشني نظام ۾ سياسي مشھور قيادتن طرفان به ته وري اليڪٽيبلز سرادرن،ميرن، پيرن ۽ وڏيرن کان ويندي چوڌرين، ملڪن ۽ خانن وچ ۾ بليڪ مني يعني ڪاري ناڻي جو استعمال ٿئي ٿو.ڪٿي سياسي مشھور قيادتون سردارن،ميرن،پيرن،وڏيرن،خانن،ملڪن ته وري ڪٿي چوڌرين جيڪي اليڪٽيبلز آھن وٽ اليڪشني نظام جي جيت لاءِ يرغمال آھن ۽ وري ڪٿي ڪجھه اليڪٽيبلز سردار، پير، مير،خان ملڪ ۽ چوڌري مشھور سياسي قيادتن وٽ يرغمال پڻ آھن.
ان سڄي اليڪشني سسٽم کي پنھنجي حق ۾ ڪرڻ لاءِ اقتدار جون طلبگار قوتون پئسي جي استعمال کي بيرحمي سان استعمال ڪن ٿيون ۽ ھڪ مشاھدي موجب ھڪ عام سياسي ورڪر،سماجي ورڪر،ڪوبه علم دوست اديب ۽ وڪيل توڙي عالم پنھنجي محدود وسيلن سبب اليڪشن ۾ حصو نه ٿو وٺي سگھي جو ھن وٽ سامھون واري اميدوار جنھن وٽ پارٽي ٽڪيٽ سان گڏ ڪارو ناڻو پڻ اٿس جو محدود مالي وسيلن سبب مقابلو نه ٿو ڪري سگھي.
ھڪ جائزي موجب گذريل اليڪشنن ۾ اھو ڏٺو ويو آھي ته ھڪ علم دوست،عوام دوست،سياسي يا سماجي ورڪر يا وڪيل ڪو ريٽارئرڊ پروفيسر اليڪشن ۾ حصو نه ٿو وٺي سگھي جو ھن جا وسيلا گھٽ ھجڻ سان گڏوگڏ بليڪ مني جو نه ھجڻ سميت تڪ بنديون انتھائي وڏي آباديءَ ۽ وڏي پکيڙ تي ھجڻ ڪري اتي پھچڻ لاءِ وسيع وسيلا ھجڻ ضروري آھن.
ھڪ ٻي ڳالهھ اھا ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ تڪ بنديون ننڍي آباديءَ تي آھن ايتري تائين جو 50 ھزار آباديءَ تي اسيمبلي ميمبر ھوندو آھي ۽ عوامي نمائندگي پارليامينٽ ۾ تمام گھڻي آھي پر اسان وٽ اليٽ ڪلاس جي ڳٺ جوڙ سبب ھتي اھڙي قانون سازي يا پارلياماني نظام جي ترتيب رکي وئي آھي جنھن ۾ وچولي ڪلاس ۽ ھيٺين ڪلاس جي نمائندي جو سامھون اچڻ انتھائي مشڪل ٿي پيو آھي. ھن ھيڏي ھيجان واري اليڪشني ماحول ۾ جتي اسان بليڪ مني يعني ڪاري ڌن جي استعمال جو ذڪر ڪيون ٿا ته اھو بي دريغ طرح سان اربين روپيا نه بلڪه کربين روپيا پوري ملڪ ۾ خرچ ٿئي ٿو جنھن کي مشھور سياسي قيادتون ۽ اليڪٽيبلز پڻ ڪن ٿا.
ان سموري عمل ۾ انھن اليڪشني تڪن ۾ برادرين جي فردن نه پر قبيلن کي سرادرن، وڏيرن، پيرن، ميرن، خانن، ملڪن ۽ چوڌرين معرفت ووٽ خريد ڪيو ٿو وڃي ۽ اھا بليڪ مني يعني ڪاري ڌن جيڪو سياسي ،اقتداري حلقن ۾ ويھي رشوت عيوض يا ڪميشن عيوض ورتو وڃي ٿو سو بليڪ مني يعني ڪارو ناڻو سڏجي ٿو جو استعمال ٿئي ٿو.
ماضي ۾ به پوري دنيا ۾ ٿيو آھي ۽ ھاڻي به ترقي يافته دنيا ۾ يا ترقي پذير ملڪن اندر اليڪشني مھم ۾ پنھنجي ھم خيال ۽ اڳتي ھلي مفادن پٽاندڙ سيڙپ ڪاري ٿيندي رھي آھي ۽ ٿئي پئي، جيڪا پڻ اربين روپين جي خاموش نموني پڻ ھوندي آھي.ڪڏھن ڪڏھن اھو به ٿيو آھي ته اھي پئسا پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ اسڪينڊلز زريعي سامھون پڻ آيا آھن.
ان بنياد تي اھا ڳالهھ رکي سگھجي ٿي ته ھن جديد دور ۾ جيڪي اليڪشنون ٿين ٿيون خاص طور پاڪستان جيان ترقي پذير ملڪن ۾ انھن ۾ عالمي پس منظر کان ويندي علائقائي مفادن تي بليڪ مني يعني ڪاري ناڻي جو وڌيڪ استعمال ٿئي ٿو.اھو بليڪ مني يعني ڪارو ناڻو ملڪي ادارن جي لٽ مار يا رشوتن عيوض ورتل ڪميشن جي بنياد تي گڏ ڪيو وڃي ٿو يا اھو استعمال سليڪشن ۾ ڪري اڳتي حڪومتن ۾ اچي وري وڌيڪ لٽ ڦر ڪري ٻيڻ تي ڪمايو وڃي ٿو.
هڪ اندازي موجب اسان جي ملڪي ايوانن صوبائي اسيمبلين سميت قومي اسيمبليءَ جون سيٽون جتي اليڪشني مقابلا ٿين ٿا جو خرچ ڏٺو وڃي يا ان جو تخمينو لڳايو وڃي ته هڪ سيٽ تي گهٽ ۾ گهٽ گڏيل اميدوارن جو خرچ في حلقي تي 3 ارب روپيا به آھي ته گڏيل طور 2000 حلقن جو مجموعي اميدوارن جو خرچ 600 ارب خرچ اچي ٿو جيڪو اليڪشن ڪميشن جي خرچ کان مٿي آھي. لازمي آھي ته اتي اهو پئسو لڳائيندو جيڪوان جي ٻيڻ اچي ڪڍي ۽ عوامي ۽ وچولي طبقي جو نمائيندو مقابلو نٿو ڪري سگهي۔ جنهن ڪري تعليم،صحت جي انڊسٽري وانگر سياست کي به ڄڻ ته ڪاروباري شعبو بڻايو ويو آھي.
جتي پوري دنيا فري پورٽ جيان ڪاروبار ۽ بليڪ مني جو استعمال ڪري ٿي ايئن ئي هاڻي پوري دنيا جي سرمائيدرن جي گهرجن جيان اسان جي ملڪ جون رات وچ ۾ امير ڪاروباري قوتن ۽ سياست جي بنياد تي سرمائيدار شخصيتون يا قيادتون انهيءَ اليڪشني ماحول ۾ جتي بليڪ مني يعني ڪاري ناڻي جو کربين روپين جو استعمال جائز طريقن کان مٿانهون ٿي استعمال ڪن ٿا اتي هو اسان جي معاشري ۾ قبائلي سسٽم کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آھن.اهڙي نموني ۾ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي صوبن۾ منشيات جو پئسو اليڪشن کٽڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو جڏهن ته سنڌ توڙي پنجاب ۾ رشوت عيوض يا ڪميشن عيوض ڪمايل بليڪ مني يعني ڪارو ناڻواستعمال ٿئي ٿو.
ان ڪري هن وقت اسان جي ملڪ جي پاليسي ميڪرز کي کپي ته جي اوهان ملڪي ادارن جي بهتري،شفاف اليڪشن جو هجڻ،۽ملڪي معاملات کي بهتر ڪرڻ جي نيت رکو ٿا ته پوءِ هيٺين ڳالهين تي عمل ڪرڻو پوندو۔ملڪي اليڪشني نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ تڪ بنديون ٿوري آبادي يعني وڌ ۾ وڌ 50 هزار تي صوبائي تڪ ڪرڻ ضروري آھي جڏهن ته ايم اين اي جو تڪ 1 لک آبادي تي هجڻ ضروري آھي۔
ملڪ جي اليڪشني نظام ۾ شفافيت رکڻ لاءِ بليڪ مني يعني ڪاري ڌن جي استعمال کي روڪيو وڃي.
ملڪي ترقي لاءِ اليڪشني ماحول کي بلڪل به شفافيت ڏيڻ لاءِ بليڪ مني جو ڌنڌو ۽ استعمال روڪڻو پوندو ۽ سياسي قووتن کي انهن جي ناڪا بندي ڪرڻ لاءِ پابند ڪرڻو پوندو۔هاڻي ته گذريل 20 سالن کان اقتداري ايوانن جي ۽ سياسي قيادتن جي ويجهو نوازيل سول بيوروڪريسي جي چرپر کي مانيٽر ڪرڻ لازمي آھي ۽ انهن جي خاموش مالي مدد يا بليڪ مني جي سهڪار کي به روڪڻو پوندو۔