عربي سمنڊ ۾ جهازن جي مقرري جو حماس اسرائيل تڪرار سان تعلق ناهي: پاڪ نيوي

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان نيوي واضح ڪيو آهي ته عربي سمنڊ ۾ پاڪستاني نيوي پاران جهازن جي مقرري جو حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ تڪرار  سان ڪو به تعلق ناهي. اسان حڪومتي پاليسي جي مطابق فلسطيني مقصد جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا ۽ حوثين جي خلاف ڪم ڪندڙ ڪنهن به آمريڪي اتحاد جو حصو نه آهيون. گذريل ڏينهن پاڪستان نيوي ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي ٿيندڙ واقعن کي نظر ۾ رکندي عربي سمنڊ ۾ پنهنجا سامونڊي جهاز مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. عربي سمنڊ ۾ جهازن جي مقرري تي جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان نيوي کي واضح ڪرڻ گهرجي ته اهو قدم غزا اسرائيل جنگ جي حوالي سان يمن جي عوام ۽ حوثي باغين خلاف اسرائيل جي سپلائي لائين ڪٽڻ جي قدمن جي خلاف ته ناهي. هن چيو ته هن فيصلي تي افسوس جو اظهار ڪندي پاڪستان حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ان تي نظرثاني ڪري فيصلو واپس ورتو وڃي. سينيٽر مشتاق جي ٽوئيٽ جي حوالي سان پاڪ بحريه جي ترجمان واضح ڪيو ته اسان جي علائقي مان گذرندڙ عالمي جهازن ۽ پاڪستان مان گذرندڙ جهازن جي تحفظ لاءِ اسان پنهنجي جهازن جي عربي سمنڊ ۾مقرري بابت جيڪا پريس رليز جاري ڪئي آهي ان جو حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ تڪرار سان ڪو به تعلق نه آهي. هن چيو ته حڪومتي پاليسي موجب فلسطيني ڪاز جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان نيوي جي اولين ذميواري آهي ته هو عالمي ذميدارين موجب سامونڊي حدن مان گذرندڙ جهازن ۽ ڪميونيڪيشن لائينن جي حفاظت کي يقيني بڻائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.