ڀارت: بلقيس بانو ريپ ڪيس جي 11 جوابدارن جي معافي ڪالعدم قرار

ڪراچي (م ڊ) ڀارتي سپريم ڪورٽ بلقيس بانو گينگ ريپ ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ملندڙ 11 جوابدارن جي معافي کي ڪالعدم قرار  ڏيندي انهن کي واپس جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڀارتي سپريم ڪورٽ جاري فيصلي ۾ چيو ته 11 جوابدارن کي آگسٽ 2022 ۾ رياستي حڪومت جي پينل جي سفارش تي آزاد ڪيو ويو هو پر هاڻ انهن کي ٻن هفتن جي اندر واپس جيل وڃڻو پوندو، ڀارتي سپريم ڪورٽ چيو ته جوابدارن جي آزادي جي تحفظ جي درخواست کي رد ڪيو ويو آهي،ياد رهي ته گجرات حڪومت گينگ ريپ ڪيس ۾ انهن جي معافي جي درخواست منظور ڪري ورتي هئي، بعد ۾ آگسٽ 2022 ۾ جوابدارن کي گودهرا جيل مان آزاد ڪيو ويو هو، بلقيس بانو کي 3 مارچ 2002 تي گجرات ۾ فسادن دوران گينگ ريپ جو نشانو بڻايو ويو، ان وقت هُن جي عمر 19 سال هئي ۽ ڳورهاري هئي، احمد آباد جي ويجهو فسادين ان جي 3 ورهين جي ڌيءَ سميت خاندان جي 14 ماڻهن کي قتل ڪيو هو، 2002 جي فسادن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو ماريا ويا هئا، جن ۾ اڪثر مسلمان هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.