شاهد خاقان عباسي جو اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ بابت درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻو وزير اعظم شاهد خاقان عباسي اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي،  عدالت درخواست فوري ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ايف آءِ اي سميت ٻين کي 22جنوري جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، درخواستگذار شاهد خاقان عباسي پرڏيهي وڃڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي ته منهنجو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو وڃي.

سکر ڀرسان ٻن ڌرين ۾ فائرنگ دوران ھڪ ڄڻو زخمي

سکر(رپورٽ:آزاد مهر) روهڙي ڀرسان ڳوٺ ۾ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي  يو ۽  ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ امتياز علي شيخ گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي علاج لاءِ مقامي اسپتال نيو ويو. فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال کي خراب ٿيڻ کان بچائي ورتو، پر آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي،پوليس موجب  پراڻي تڪرار تان هلندڙ معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.خير محمد آريجا ۽ ڀرپاسي ڪتن جو آزار، 20 ڄڻا ڏاڙهي زخمي

خير محمد آريجا ۽ ڀرپاسي ڪتن جو آزار، 20 ڄڻا ڏاڙهي زخمي

خير محمد آريجا (رپورٽ: سيد عطا محمد شاھ) انتظاميا جي عدم دلچسپي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب خير محمد آريجا سميت مختلف شهرن توڙي ڳوٺن قلندر آباد، ٺارو واهڻ، جهنڊو، نيئن گڏ، ابو صمد تونيو پنجو ديرو دريا خان ابڙو ۽ شهرن توڙي ڳوٺن ۾ هڪ هفتي اندر رولو ڇتن ڪتن ويھه کان وڌيڪ معصوم ٻارڙن، عورتن ۽ نوجوانن ست سالا خادم پٽ مجيد علي، ڏھ سالا مائره ڌي امان الله، اسماء ڌيءَ رياض علي، الهه اوڀايو پٽ صديق، سونيه زال مولائي، رابعه زال طالب، وزيران زال جاڙل، ڏھ سالا رحمت پٽ برڪت علي،  15سالا افضل پٽ فيضان علي، 30 سالا تهمينه زال ابراهيم، حزب الله پٽ سڪندر ۽ ٻين ٻارڙن عورتن ۽ نوجوانن کي رولو ڇتن ڪتن ڏاڙهي سخت زخمي ڪري ڇڏيو .جڏھن ته زخمي ٻارڙن ۽ عورتن کي وارث تعلقي اسپتال باقراڻي ايٽ آريجا ۾ ويڪسين ڪرائڻ لاءِ اسپتال کڻائي آيا جن کي ويڪسين ڪرڻ بعد پنهنجي گهرن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.هوڏانهن ان سلسلي ۾ خير محمد آريجا ۽ آس پاس جي رولو ڇتن ڪتن ٻارڙا توڙي شهري سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ لڳا ۽ خوف وحراس واري صورتحال ڇانيل آهي. ان حوالي سان سياسي سماجي اڳواڻن شهرين ۽ سڄاڻ ڌرين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته افسوس آهي جو رولو ڇتن ڪتن بابت ڪيترائي ڀيرا انتظاميا کي شڪايتون ڪيون آهن مگر ضلعي انتظاميا ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته حڪومت هڪ طرف ڪتن کي کسي ڪرڻ لاءِ ڪروڙين روپين جي جي بجٽ رکي پئي وڃي ٻي طرف ڪو به تدارڪ نه پيو ورتو وڃي.02

ڪنڊياري ۾ گيس لوڊشيڊنگ خلاف شهرين جو احتجاج، نعريبازي

ڪنڊياري (ن ع آ) ڪنڊيارو شھر ۾ گئس جي اڻ اعلانيل ڊگهي لوڊشيڊنگ شھرين جو  جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي جنھن سبب شھري بغير ناشتي ۽ ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آھن پر سئي گيس انتظاميا مسلسل ڪن لاٽار ڪندي شھرين جي شڪايتن ۽ پريشانين جو ڪوبه تدارڪ نه پيو ڪيو وڃي۔شھر ۾  سوئي گيس جي اهڙي ويڌن خلاف نوجوان اتحاد ڪنڊيارو پاران سرمد آزاد ۽ ٻين جي  اڳواڻيء ۾ ٽائون ڪميٽي پارڪ کان سوئي گئس آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي گيس آفيس جي مک گيٽ ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو۔.سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن ۽ صوبائي تڪ پي ايس 32 جي اميدوار سنڌو نواز گهانگهرو، پ پ شھيد جو ظفر علي کوسو,ايس يو پي جو ڪامريڊ ذوالفقار ملاح ۽ مشتاق سيال احتجاج جي حمايت ڪندي ڌرڻي ۾ شامل ٿيا۔ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ھيو ته گيس جا ڳرا بل وصول ڪيا وڃن ٿا پر گئس جي ھٿراڌو ڊگهي  لوڊشيڊنگ تي ضابطو نه اچي سگھيو آھي جنھن سبب شھري سخت مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيا آھن۔ .

گئس نه ھئڻ سبب ملازم ۽ اسڪولي شاگرد بغيرا ناشتي جي آفيسن ۽ اسڪولن سميت ڪم ڪارن تي وڃڻ تي مجبور آھن۔ شھر  گيس جي قلت سبب ڪاٺيون وڪرو ڪندڙ دڪاندارن پڻ موقعي جو فائدو وٺندي اگھ چوٽ چاڙھي ڇڏيا آھن جنھن سبب عام طبقي جا ماڻھو ٻن ويلن جي کاڌي لاءِ پريشان آھن  احتجاج ڪندڙن نگران وزيراعظم سميت ٻين وس وارن  کان گھر ڪئي ته ڪنڊيارو سوئي سدرن گيس جي نااھل ايس ڊي او کي ھٽائي گيس لوڊشيڊنگ گهٽائي ڪنڊيارو جي شھرين کي پريشانين کان بچايو وڃي.

گمبٽ ۾ تعليم جي عالمي ڏهاڙي تي گسٽا جي جاڳرتا ريلي

گمبٽ (ن ع آ) 8 جنوري تي سڄي دنيا ۾ تعليم جو ڏھاڙو ملھايو ويو. ان سلسلي ۾ گمبٽ ۾  گسٽا مھيسر گروپ طرفان ڪاظم آباد اسڪول کان شاگردن ۽ استادن گسٽا جي مرڪزي اڳواڻ مقصود احمد مھيسر، عاشق ميراڻي، عاطف علي سمون، الطاف حسين سھتو، حزب الله شاھ، لعل بخش ميراڻي، وحيد علي رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ بينر کڻي تعليمي جاڳرتا ريلي ڪڍي،جيڪا پريس ڪلب گمبٽ اڳيان پھتي ته اسڪولي شاگردن تعليم کپي تالا نه کپن، تعليم اسان جو حق آهي، پڙھندي سنڌ ته وڌندي سنڌ جا نعرا لڳايا. ان موقعي تي استادن چيوته تعليم جي بھتري لاءِ بند پيل اسڪولن کي کوليو وڃي. ھنن والدين سان مخاطب ٿيندي چيو ته پنھنجي گلن جھڙن ٻارڙن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرايو، تعليم انسان جو زيور آهي تنھنڪري پنھنجي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ جاکوڙيو. تعليم پرايو سنڌ سنواريو، علم آزادي آھي ۽ جھالت غلامي، تعليم سان ئي ترقي ممڪن آهي، پڙھندي سنڌ ته وڌندي سنڌ.02

پشاور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 4 کدڙا فقير زخمي

پشاور (م ڊ) پشاور جي علائقي اقبال پلازه ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 4 کدڙا فقير زخمي ٿي پيا. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار مسافرن تي فائرنگ ڪئي. نتيجي ۾ 4 کدڙا فقير زخمي ٿيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.