تاحيات نااهلي ختم ڪري سپريم ڪورٽ پارليامينٽ جي فيصلي کي قبول ڪيو: ڪائرا

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ پاران تاحيات نااهلي ختم  رڻ واري فيصلي تي سياستدانن هڪ جهڙي راءِ جو اظهار ڪيو آهي، پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائرا ان فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ اڄ ان فيصلي ذريعي پارليامان جي فيصلي کي قبول ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ اڄ آئين جي آرٽيڪل 62 (ون) (ايف) تحت سياستدانن جي تاحيات نااهلي کي ختم ڪندي چيو آهي ته سياستدانن جي نااهلي جو مدو 5 سال هوندو. استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي ساراهيندي ميان نواز شريف ۽ جهانگير ترين کي مبارڪباد ڏني آهي. عليم خان چيو ته سپريم ڪورٽ پاران تاحيات نااهلي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو سٺو سنئوڻ آهي، پارٽي صدر جي حيثيت سان جهانگير خان ترين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ مريم اورنگزيب سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته نواز شريف کي تاحيات نااهلي ذريعي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو، تاحيات نااهلي جو عدالتي ناانصافي جو ڪارو باب آخرڪار بند ٿي ويو. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته ماضي ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا جن اسان جي ملڪ جي تاريخ جو رخ موڙي ڇڏيو، انهن فيصلن تي نظرثاني ڪري اسان جو رڪارڊ درست ڪرڻ سٺو قدم آهي، ان جي حمايت ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.