اوٻاوڙو ڀرسان شر، سيلرا تڪرار تيز، هٿياربندن هٿان ٻارڙي سميت 3 ڄڻا اغوا

اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو ڀرسان شر ۽ سيلرا برادري ۾ پراڻي تڪرار تان شر برادري جي ھٿيار بندن ھٿان سيلرا برادري جي معصوم ٻارڙي سميت ٽي ڄڻا اغوا ٿي ويا، ماڇڪو ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾  ر سيلرا برادري جي پراڻي تڪرار تان ڳوٺ سانگي سيلرو جا رھواسي عبدالجبار سيلرو معشوق علي سيلرو ۽ معصوم ٻارڙي آسيه سيلرو ٻيڙي ذريعي خان محمد ڪوش پتڻ وٽ پنھنجي مائٽن سان ملڻ لاءِ وڃي رھيا ته کيس شر برادري جي ھٿياربندن ڪجهھ عرصو اڳ ارباب شر سميت ٽي ڄڻا کنڀڙا پوليس جي مقابلي ۾ مارجي ويا ھئا، شر برادري سيلرا برادي تي ٽن ڄڻن جي قتل جو الزام مڙھيو ھو، سيلرا برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته پلاند ۾ شر برادري جي ھٿيار بندن ھٿيارن جي زور تي ٽن ڄڻن کي ٻيڙي مان لاھي اغوا ڪري ويا، اطلاع باوجود ماڇڪو پوليس نه پھتي جتي ڏوھاري ٽن مغوين کي آساني سان اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا اغوا بعد ٻنھي ڌرين ڇڪتاڻ وڌي وئي آھي ماڇڪو پوليس ڏوھارين خلاف اثرائتو قدم نه کنيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.