سنڌ جي 28 ماحولياتي نمونن مان 13 ۾ پوليو تصديق ٿي آهي: سعد خالد

ڪراچي (ذوالفقار راڄپر ) سنڌ جي صحت واري نگران وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز انڪشاف ڪيو آهي ته صوبي جي مختلف 28 هنڌن تان  حاصل ڪيل ماحولياتي نمونن مان 13 ۾ پوليو وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي، جيڪا ڳالھه ڳڻتي جوڳي ۽ انتهائي افسوسناڪ آهي، اين اي او سي موجب هن وقت تائين مليل سمورن ماحولياتي نمونن جا نتيجا سڌو سنئون افغانستان سان لاڳاپيل آهن، جنهن لاءِ منهنجي خيال ۾ وفاقي سطح تي هڪ گڏيل ۽ جامع حڪمت عملي ٺاهڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه  اربن هيلٿ سينٽر لانڍي ۾ 2024ع جي پهرين پوليو مهم جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪئي . نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز  چيو ته 8 کان 14 جنوري تائين هلندڙ پوليو مهم دوران سنڌ جي 30 ضلعن ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي ھڪ  ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا، پوليو وائرس کان بچاءُ لاءِ 4 هزار 225 اهلڪار پنھنجو قومي فرض سرانجام ڏيندا. نگران صوبائي وزير چيو تھ يو سي گجرو ضلعي اوڀر جا 2 ٻار گذريل سال پوليو وائرس جو شڪار ٿيا آهن، اسان سنڌ صوبي مان هن موذي مرض جي خاتمي لاءِ پرعزم آهيون، حڪومت جي انفرادي ڪوشش ۾ والدين، استادن سميت سڀني کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن والدين کي اپيل ڪئي ته هو پنجن سالن کان گهٽ عمر جي هر ٻار کي پوليو جا ٻه ڦڙا پيارڻ لاءِ اسڪول ۽ اسپتال انتظاميا سميت پوليو ورڪرن سان مڪمل سھڪار ڪن، ڇاڪاڻ ته گڏيل ڪوششن وسيلي ئي هن خطرناڪ موذي مرض خلاف جنگ ۾ ڪاميابي ماڻي سگهجي ٿي. صوبائي وزير چيو ته ايم ڊي ڪٽ لاءِ ايف آءِ اي جو سائبر ڪرائم سيل پيپر ليڪ انڪوائري جا تفصيل ڏسي رهيو آهي ۽ اميد آهي ته جلد حتمي فيصلو اچي ويندو. ڪورونا جي نئين قسم جي پکيڙ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾نگران صحت واري صوبائي وزير  چيو ته مان گذريل ڏھاڙي پاڻ ايئرپورٽ پهتس ۽ نگراني جو معائنو ڪيو، اين سي او سي جي ايڊوائيزري موجب 2 سيڪڙو رينڊم چيڪنگ ڪئي وئي. جن مسافرن ۾ ڪووڊ جي تصديق ٿي ان موقعي تي اي او سي سنڌ جو ڪوآرڊينيٽر ارشاد سوڍر، ڊاڪٽر احمد علي شيخ، ڊبليو ايڇ او جا نمائندا ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.