ڪراچي (م ڊ) پاڪستان ۾ ڪورونا جي نئين قسم جا 4 ڪيس سامهون اچي ويا، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پکڙجندڙ ڪورونا جي نئين قسم جي اين 1 جا 4 ڪيس پاڪستان ۾ به سامهون آيا آهن، صحت واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته چئني ماڻهن کي هلڪيون علامتون هيون ۽ هو هاڻ صحتيات ٿي ويا آهن، نگران صحت واري وزير ٻڌايو ته صورتحال جي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي، انٽرنيشنل ايئرپورٽس ۽ سمورن ايندڙ ويندڙ رستن تي اسڪريننگ جو موثر نظام موجود آهي، نگران صحت واري وزير موجب سيءُ ۾ ڪورونا يا فلو جهڙيون بيماريون پکڙجڻ کان بچڻ لاءِ ماسڪ، فاصلو ۽ ٻين احتياطي تدبيرن تي عمل ڪيو وڃي، ٻئي پاسي اسلام آباد سميت اڪثر ايئرپورٽس ٻاهران ايندڙ ماڻهن جي ڪووڊ ٽيسٽنگ شروع ڪئي وئي آهي.