سنڌ ۾ سيءُ ۾ واڌ، اسڪولن جو وقت وري تبديل

ڪراچي (م ڊ) سنڌ ۾ سيءُ ۾ واڌ ٿي وئي آهي، اسڪولن  جو وقت وري تبديل ڪيو ويو آهي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سخت سيءُ سبب اسڪولن  جي وقت ۾ تبديلي آندي وئي آهي، اسڪول صبح ساڍي 8 وڳي بدران 9 وڳي کلندا، ان حوالي سان تعليم کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته اسڪولن جو نئون وقت ڪراچي جي اسڪولن تي لاڳو نه هوندو، نوٽيفڪيشن موجب سيءُ ۾ واڌ سبب اسڪولن جي وقت ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي، اسڪولن جو نئون وقت 31 جنوري تائين لاڳو رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.