سکر (رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته آهي ته مسلم ليگ ن انهي ڪري ٻاهر نه پئي اچي شايد ان کي چيو ويو هجي ته اليڪشن نه ٿيندي، احتساب عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ چيو ته ملڪ ۾ اليڪشن نه ٿي ته سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي ساک متاثر ٿيندي، خورشيد شاهه چيو ته سينيٽ ۾ پيش ٿيندڙ ٺهراءِ پارليمينٽري ناهي، پارليمينٽري ٺهراءِ تڌهن هجي ها جڏهن قومي اسيمبلي، صدر ۽ سينيٽ موجود هجي ها. هن چيو ته ڪراچي کي دنيا جو بهترين شهر بڻائي ڏيکارينداسين. ڪراچي کي ٻوري بند لاشن، دهشتگردي ۽ ڀتي تباهه ڪيو آهي. خورشيد شاهه چيو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي اها پوزيشن ناهي جيڪا اڳ هجي. ڪراچي جو عوام 8 ڀيرا ايم ڪيو ايم کي موقعو ڏنو پر اهي ڪراچي لاءِ ڪجهه ڪري سنه سگهيا، هن چيو ته مان فخر سان چوان ته ڪراچي ۾ جيڪا بهتري آئي آهي اها پيپلزپارٽي آندي آهي. خورشيد شاهه چيوته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو اها شمع ٻيهر روشن ڪرڻ لاءِ لاهور ويو آهي.