ڪراچي (رپورٽر) اليڪشن ٽربيونل رٽرننگ آفيسرن پاران اميدوارن جا فارم رد ڪرڻ جي حوالي سان ٻڌڻي، اليڪشن ٽربيونل جي جج جسٽس عدنان الڪريم نواز ليگ اڳواڻ شهباز شريف کي ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 242 تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ٽربيونل پيپلزپارٽي جي اميدوار محسود مندو خيل جي اعتراضن کي رد ڪري ڇڏيو، اليڪشن ٽربيونل جي جج جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ رمارڪس ۾ چيو ته غير ضروري ڄاڻ کي بنياد بڻائي اميدوارن جا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا، مختلف سياسي پارٽين جي اميدوارن جون رٽرننگ آفيسرن خلاف اپيلون منظور ڪيون ويون، اليڪشن ٽربيونل جي جج جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ريٽرننگ آفيسرن جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ رمارڪس ڏنا ته آهستي آهستي معاملا رٽرننگ آفيسرن جي طرف وڌي رهيا آهن، بناجواز اميدوارن جي نامزدگي فارمن کي رد ڪرڻ تي رٽرننگ آفيسرن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، عدالت ڌرين جا موقف ٻڌڻ کانپوءِ پ پ جي اميدوار محسود مندوخيل جا اعتراض رد ڪري شهباز شريف کي وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.