ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي سان تعلق رکندڙ پي ٽي سي ايل جي رٽائرڊ ملازمن پينشنرز ۽ ٽيليڪام پائونير فورم جي اطهر جاويد صوفي، سيد راشد انور، عبدالخالق ۽ لاڙڪاڻي جي اياز جعفري ملڪ ۾ پي ٽي سي ايل پينشنرز کي اپيل ڪئي آهي ته هو ايندڙ عام چونڊن ۾ پنهنجو ووٽ ڪنهن کي نه ڏين، ڇو ته گذريل ڪيتري ئي وقت کان پينشنرز ڪنهن نه ڪنهن سطح تي سياسي جماعتن جي عهديدارن ۽ هر دور جي وزيرن سان ملاقات ۾ اپيلون ڪيون پر ڪنهن به مدد نه ڪئي، پر پي ٽي سي ايل انتظاميا جو ساٿ ڏنو ويو، پينشنرز جو ڪنهن به سياسي پارٽي کي ووٽ ڏيڻ جو ڪو به جواز نٿو ٺهي، سموري ملڪ جا پينشنرز عام چونڊن جو بائيڪاٽ ڪن ۽ ڪنهن کي به ووٽ نه ڏين، ڪراچي جي ٻن وفاقي وزيرن به ڪوڙ ڳالهايو ۽ ڪا به مدد نه ڪئي، ايندڙ چونڊن ۾ ڪنهن کي به ووٽ نه ڏنو ويندو.