وڇوٽيون ختم ڪريو ۽ ميثاق جمهوري سياست ڪريو

امتياز عالم

هڪ عجيب ماحول هر طرف ڇانيل آهي.اڳ ۾ چونڊن کان اڳ اھڙي سنگين ۽ شڪ واري فضا چونڊن جو ماحول نه ڏٺو ۽ نه ٻڌو ويو آهي. جڏهن جمهوري عمل ئي لتاڙجي رھجي وڃي ۽ ايندڙ چونڊن جا نتيجا اچڻ کان اڳ ئي شڪي ٿي وڃن ته پوءِ ان جي اندران ڪو خوفناڪ منظر ئي سامهون اچي سگهي ٿو.

ملڪ ۾ اڳ ئي وڏي سماجي، نسلي، نظرياتي ۽ ادارتي ڏار پئجي چڪا آھن. اتر،اولهه ۽ ڏکڻ،اولهه ۾ وڳوڙآهي. معيشت نه پئي چري ۽  سياست جي وھنوار ۾ ڀوئنچال آهي جيڪو نھ پيو رڪجي.

ڀٽي صاحب خال اڃان ڀريو ناھي جو نيون کاھيون کوٽيون پيون وڃن.سمورو وزن عدليھ جي مٿان اچي پيو آھي۽ پاڪ فوج ڪھڙو ڪھڙو  بار بوجھه کڻي ؟ سياسي پولرائزيشن ايتري گھري ۽ وسيع آهي جو سياستدان دشمني ۽ باهمي نفرتن ۾ انڌا ٿي ويا آهن. مفادن جو ٽڪراءُ ايترو ته شديد آهي جو هو جنھن جمهوري شاخ تي ويٺا آهن ان کي ڪٽي رھيا آھن.ھڪ ڌر کي زور زبردستيءَ ميدان مان نيڪالي ڏيڻ ۽ چونڊ عمل کي عوام جي منشا جي ابتڙ مسمار ڪرڻ کان نھ ڪو کٽڻ وارو ھوندو نھ ڪو ھارائڻ وارو.جمھوريت جي ٽٽل ڦٽل ٻيڙي تھ ٻڏندي ئي ٻڏندي، پر سياسي عدم استحڪام ۾ پتو ناھي ڪھڙا ڪھڙا خطرناڪ عنصر شامل ٿي ويندا.

اهڙين حالتن ۾ تمام وڏي ذميواري سياسي قوتن، ادارن خاص ڪري عدليه ۽ پاڪ فوج تي اچي پئي آهي. سڀ کان اهم ڪردار چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جو آهي، جنهن کي انصاف جي توازن کي برقرار رکندي آئيني ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن جي سامهون پارٽين لاءِ انصاف جي برابري جي فراهمي جي نھ رڳو وڏي سياسي گھرج آهي بلڪھ چونڊ عمل کي هر قسم جي پائمالي کان بچائڻو پوندو.

اسان جي عوام جي اڪثريت اڻ پڙهيل آهي ۽ ووٽ ڏيڻ وقت فقط چونڊ نشان کي سڃاڻي ئي ووٽ ڏيندي آهي. ڪنهن به پارٽي کي ان جي چونڊ نشان کان محروم ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته توهان ووٽرن جي هڪ خاصي حصي کي ان جي پسند جي چونڊ ڪرڻ کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.تحريڪ انصاف کي بيٽ جي چونڊ نشان جي سڃاڻپ کان محروم ڪرڻ جو مطلب رڳو پارٽي جي آئيني ۽ جمهوري حقن جي نفي ئي ناھي پر اڻ پڙهيل ووٽرن جي هڪ وڏي حصي جي بنيادي حقن جي نفي ھوندي. ان کان سواءِ اقليتن ۽عورتن جي ھڪ وڏي حصي کي مخصوص سيٽن تي چونڊجڻ لاءِ تحريڪ انصاف جو پليٽ فارم موجود نھ ھئڻ سان انھن  جي چونڊ عمل ۾ شموليت تي پابندي هوندي. بيٽ جي نشان کان سواءِ مخصوص سيٽون به تحريڪ انصاف جي حساب مان نڪري وينديون.

تحريڪ انصاف جي مخالف سياسي ڪيمپ ۾ موجود جماعتن کي سوچڻ گهرجي ته مخالف ڌر کي ميدان مان ڪڍڻ سان حاصل ڪيل ڪاميابي سندن ڳچيءَ ۾ ڪنڊن جو هار بڻجي ٽنگجي ويندي. منهنجي سوچيل سمجھيل راءِ  ۾ سياسي استحڪام جو واحد رستو شفاف ۽ آزاد چونڊون ڪرائڻ آهي. اهي سموريون سياسي جماعتون جيڪي جمهوري عمل تي يقين رکن ٿيون، انهن کي سمورين پارٽين لاءِ برابري جي ميدان جي فراهمي جو مطالبو ڪرڻ گھرجي،نڪي وري  پي ٽي آءِ،کي  هڪ پارٽي جي حيثيت سان چونڊ عمل مان خارج ٿيڻ تي بغلون وڄائڻ گھرجن.

سياسي ماحول ۾ استحڪام ۽ رواداري کي هٿي ڏيڻ ۽ نفرت کي روڪڻ لاءِ حڪومت ۽ ان جي انتظامي ادارا عام سياسي معافي جو اعلان ڪن. 9 مئي جا جوابدار اڳ ئي پنهنجي ڪيل ڪمن جي ڪافي سزا ڀوڳي چڪا آهن، بهتر ٿيندو ته کين ضمانت تي آزاد ڪري ڪيسن کي منهن ڏيڻ جي اجازت ڏني وڃي. جن ماڻهن تي سنگين الزام آهن انهن کي صفائي جو موقعو ڏنو وڃي ۽  ڏوهي ثابت ٿيڻ تي قرار واقعي سزا ڏني وڃي، بهتر ٿيندو ته سموريون سياسي پارٽيون هڪ صاف ۽ شفاف چونڊن ۽ جمھوري طرز عمل ۾ بھتر پئدا ڪرڻ جي لاءِ ھڪ  اخلاقي ضابطي تي متفق ٿين.

سٽيزن فار ڊيموڪريسي پاران چوٽي جي دانشورن،وڪلين ،صحافين ۽ انساني حقن جي نگھبانن جي صحيحن سان شفاف چونڊن لاءِ جمهوري سياست جو ضابطو جاري ڪيو آهي. اميد ڪجي ٿي تھ سياسي پارٽيون جمهوري سياست ۽ شفاف چونڊن لاءِ هيٺين چارٽر جي توثيق ڪنديون.

(1) انساني، شهري ۽ معاشي حقن جو تحفظ، عورتن ۽ اقليتن جي برابري جي حقن جي حمايت، جن جي تاڪيد گڏيل قومن جي پڌرنامي، ضابطن ۽ 1973ع جي آئين ۾ درج آهي. (2) 1973ع جي آئين جي بالادستي، پارليامينٽ جي نمائندگي ڪندڙ عوام جي اعليٰ اختياريءَ جو احترام، 18هين ترميم جي تقاضا موجب ماتحت وفاقيت جو دفاع ۽ مقامي سطح تي اختيار جي منتقلي. (3) بنا ڪنهن فرق جي سڀني شهرين جي برابري جي حقن جو تحفظ، پارليامينٽ جو مقتدر اعليٰ  جي طور احترام ۽ اختيارن جي آئيني ورھاست جو نظرئي جي تحت سڀني ادارن کي پنهنجي حدن اندر رھي ڪري آئيني حڪمن جي پابندي.

(4) اظهار جي آزادي، ميڊيا جي آزادي ۽ اختلاف راءِ جو احترام،جھڙوڪ گار گند ۽ نفرت انگيزي سان مجروح نھ ڪيو وڃي.

(5) ماڻهن جي ووٽ جو احترام، جيڪي پاڪستان جي اقتدار جا حقيقي مالڪ ۽ قومي مفادن جا محافظ آهن. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته آزاد، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊون هجن، جنھن ۾ سڀني پارٽين کي برابر جا موقعا ۽ برابريءَ جو ميدان هجي ۽ ڪنهن به پارٽي کي سياسي عمل کان ٻاهر رکڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

(6) سياسي ۽ چونڊ عمل ۾ ڪنهن به رياستي اداري يا ايجنسي جي عدم مداخلت. ان سان گڏ اليڪشني عمل کي پئسي ۽ غير قانوني طريقن سان مشڪوڪ بڻائڻ کان پاسو ڪيو وڃي. (7) سياست ۾ مھذب، جمهوري، رواداري، طرز عمل ۽ معياري گفتگو کي هٿي ڏيڻ. (8) چونڊن جي نتيجن تي ڪنهن به طرح اثرانداز ٿيڻ جي غير جمهوري ڪوششن کي روڪڻ. (9) چونڊ عمل ۾ پرامن، مھذب، قانوني ۽ اخلاقي طريقن کي هٿي ڏيڻ ته جيئن جمهوري نظام مستحڪم ٿئي. (10) پارٽين کي پنھنجا منشور ۽ پروگرام عوامي ڀلائي، عوامي مفاد، خاص ڪري پورهيت عوام جي ڀلائي ۽ غربت، افلاس ۽ ناانصافي جي خاتمي ۽ عوام جي خوشحالي ۽ ترقيءَ ۽ مستقبل جي لاءِ انساني وسيلن تي ڌيان ڏيڻ. نوجوانن جي ترقي لاءِ انساني ذريعن تي  زور ڏيڻو پوندو (11) سياسي مخالفن کي زبردستي ميدان مان ڪڍڻ ۽ انتقام جو نشانو بڻائڻ کان پاسو ڪيو وڃي. (12) عام معافي جو اعلان. سمورن سياسي قيدين جي آزادي ۽ چونڊن ۾ سمورن سياسي اڳواڻن جي چونڊن ۾ برابري بنيادن تي شرڪت. (14) ملڪ، خطي ۽ دنيا ۾ امن، تعاون ۽ ڀائيچاري لاءِ جاکوڙ.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.