نعم البدل توانائي تي ڪم ڪرڻ بنا گئس جي کوٽ ختم نھ ٿيندي

سياري جي مند اچڻ سان ئي سوئي گئس جي کوٽ جون دانھون شروع ٿي وينديون آھن. ھاڻي تھ گئس جو بحران اونھاري جي موسم ۾ بھ جاري رھندو آھي، سياري کان اڳ ئي ملڪ جي مختلف علائقن مان اھڙي شڪايت ملي رھئي ھئي.

ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت وڌڻ سان گئس جي فراهمي گهٽجي وئي آهي.ميڊيا رپورٽس موجب بلوچستان  ۾ گئس جي واهپي وڌڻ  سبب ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گيس جي کوٽ ٿي رھي آهي.شھر جي مخلتف علائقن ۾ رات جو 9 وڳي ۽ ڪٿي ڪٿي رات جو  11 وڳي کان اڳ گئس بند ٿي ويندي آھي.ڪجهه علائقن ۾ منجهند جو به گيس غائب ٿي وڃي ٿي. شهر جي مختلف علائقن صدر، ڊفينس، شاهه فيصل، لانڍي، الله والا ٽائون، گلشن، منظور ڪالوني، قيوم آباد، اسڪيم 33 ،اورنگي ٽائون سميت مختلف علائقن ۾ گئس جي فراهمي رڪجي وڃي ٿي.

  هن سال فرٽيلائيزر فيڪٽرين کي گئس جي فراهمي بند نه ٿيڻ جي ڪري سياري جي شروع ٿيڻ سان ئي گئس جي سپلائي گھڻي متاثر ٿي رهي آهي.پاڪستان جتي قانون تي عمل نھ ٿيڻ جي شڪايت گھڻي آھي،اتي ان عالمي اصول تي عمل ڪئين ٿيندو. جنھن موجب قدرت پاران عطا ڪيل وسيلا اھڙي طرح خرچ ڪجن جو انھن جو زيان گھٽ ٿئي ۽ انھن مان ايندڙ نسل پڻ لاڀ حاصل ڪري سگھي.

ان طريقيڪار کي دنيا ۾ پائيدار ترقي جو نالو ڏنو ويو آھي،جنھن جو مقصد قدرت طرفان انسان کي عطا ڪيل وسيلا  جھڙوڪ پاڻي،گئس،جبل،گليشير،سمنڊ،ٻيلا،پيٽرول وغيرھ جن سان انسان جي حياتي لاڳاپيل آھي، انھن ذخيرن کي اھڙي طرح انسان ڪتب آڻي جو ان جو نقصان نھ ٿئي بلڪھ ان مان ايندڙ  نسل بھ فيض حاصل ڪري.

ھر سال جڏھن بھ سيارو ايندو آھي تھ ملڪ ۾ قدرتي ٻارڻ واري گئس جي کوٽ پيدا ٿي ويندي آھي،جنھن ڪري ان جي وارابندي ڪئي ويندي آھي،پھرين ھڪڙي پاسي کي گئس ڏبي آھي پوءِ وري ٻئي علائقي کي ڏبي آھي،جيئن ماڻھون ان سھولت کان محروم نھ رھن.

دنيا ۾ ھن وقت سڀني کان گھڻو ڪم نعم البدل توانائي تي ٿي رھيو آھي،شايد ڪڏھن اھو بھ خواب ھو تھ گاڏيون بھ گئس تي ھلنديون پر وقت گذرڻ سان اھو سچ ثابت ٿيو، ائين ھاڻي سج جي توانائي کي محفوظ ڪري ان مان فائدو ورتو پيو وڃي،تھ وري دنيا ۾ بجلي تي ھلندڙ انجڻ  جو لاڙو وڌيو آھي.جنھن سان پيٽرول ۽ گئس تي گھٽ دٻاءُ پوي ٿو.گڏوگڏ انھن سمورين توانائين جي محفوظ استعمال واري طريقي تي پڻ عمل کي يقيني بڻايو ويو آھي،جنھن سان پائيدار ترقي واري خيال تي عمل ٿي رھيو آھي،جنھن جو نھ رڳو ڪنھن ھڪ ڌر پر سموري انسانيت کي فائدو پھچي ٿو.

 ٽين دنيا جتي نواڻ يا جدت پسندي ڏانھن لاڙي جي حوصلھ شڪني ڪئي ويندي آھي،انڪري ڪنھن نواڻ جا مثال ڪا بھ سرڪار قائم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام رھي ٿي،ھتي تھ  پروفيشنلز کي سرڪار توڙي نجي شعبي ۾ اھڙو تھ بيزار ڪيو وڃي ٿو جو پنھنجو ۽ سرڪار جو پئسو خرچ ڪري ھڪ قابل انجينئر ۽ ڊاڪٽر توڙي سائنس جي ڪنھن بھ شعبي جي ماڻھو کي ملڪ مان ئي ٻاھر ڪيو وڃي ٿو.جنھن ڪري  اھڙن ماھرن جي ھتي اڳتي اچڻ جو ڪو  مثال موجود نھ آھي.

نتيجي ۾ قابل سائنسدان،انجينئر ،ڊاڪٽر توڙي ٻيا پروفشنلز ڪوشش ڪري ٻاھرين ملڪ ھليا ويندا آھن جو انھن جي لاءِ اسان جي معاشري ۾ جاءَ نھ ھوندي آھي.

جيڪڏھن سرڪار يا وري ڪو نجي ادارو ان تي سنجيدگيءَ سان ڪم ڪري تھ جيڪر ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ توانائي جي بحران کي منھن ڏيڻ جي لاءِ سائنسدان نوان گس،نوان پاسا ڳولي سگھن ٿا،بجلي اسان وٽ پاڻي،ڪوئلي ، گئس۽ ھوا  مان پيدا ڪئي وڃي ٿي، جڏھن تھ دنيا ۾ ٿيل تجربن موجب ڪيترن ئي ٻين سستن طريقن سان بجلي پيدا ٿي رھي آھي،نھ رڳو ايترو پر سولر سسٽم سان بھ بجلي ۽ گئس  تي وڌندڙ دٻاءُ کي گھٽ ڪري سگھجي ٿو.

بجلي جي انجڻ جي استعمال سان پڻ توانائي جي روائيتي طور طريقن تي پوندڙ پريشر گھٽ ٿي سگھي ٿو.پر ڪابھ حڪومت انھن پھلوئن تي گھڻو مٿا ڪٽ ڪرڻ کان نٽائيندي آھي،ٻيو تھ اسان وٽ جدت ۽ نواڻ جي لاڙن کي ھٿي ڏيڻ وارا  بااختيار ماڻھون  نھ ھئڻ برابر آھن.

ھر سال سياري جي موسم ۾ اھو ياد ڏيارڻ تھ گئس جو بحران وڌي ويو آھي، ان جي وارابندي ڪئي پئي وڃي، اھڙن اعلانن جي بدران وس وارن کي گھٽجندڙ قدرتي وسيلن جي ذخيرن کي احتياط سان ڪتب آڻڻ سان گڏ  انھن جي نعم البدل وسلين تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي،جئين اھڙي نوعيت جي وڏي ۽ ملڪي سطح جي بحران کي منھن ڏيڻ جي لاءِ ڪي نوان طور طريقا ڳولي سگھجن،ٻي صورت ۾  فقط گئس تي ڀاڙڻ سان ان جي ڪنھن نعم البدل نھ ھئڻ ڪنھن وقت سمورو نظام ئي رڪجي نھ وڃي.

دنيا ھن وقت گھڻو اڳتي نڪري چڪي آھي ۽ اسان وٽ ساڳي طور طريقي سان ڪم کي ھلايو پيو وڃي،جنھن ڪري معاشري ۾ نھ تھ ڪا نواڻ پئدا ٿي رھي آھي ۽ نھ ئي وري سماج کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ اسان جا ادارا ڪنھن اعليٰ تعليمي اداري کان خدمت حاصل ڪن ٿا.

جيڪڏھن ھن وقت بھ حڪومت اھو اعلان ڪري تھ گئس جي جاءِ تي ٻيا سستا طريقا اختيار ڪري گئس جھڙي ناياب نعمت کي بھتر ۽ جٽادار اصول موجب ڪتب آڻي ڪري ان کي ايندڙ نسل جي لاءِ پڻ محفوظ ڪري سگھجي ٿو.گڏوگڏ ھتي اھا ڳالهھ پڻ اھم آھي تھ اھڙي قدرتي وسيلن جي سھولت پاڪستان پنھنجي پاڙيسري ملڪن کان بھ حاصل ڪري ان جو پورائو ڪري سگھي ٿو.

اھا بھ عجيب ڳالھھ آھي تھ گذريل سان ملڪ جي اختيار ڌڻين گئس جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو ھو،جنھن موجب گئس جي قيمت 200 سيڪڙو وئي ھئي، پر ان جي باوجود ملڪ ۾ عام ماڻھو جي لاءِ سستي ۽ ماحول دوست ھن ٻارڻ جي فراھمي کي يقيني بڻائڻ واري پاسي ڏانھن ڪو ڌيان نھ ڏنو ويو.جنھن ڪري ملڪ جي عام ماڻھو جي بجيٽ تي گھڻو بار پئجي رھيو آھي.جنھن سان امير وڌيڪ امير ۽ غريب وڌيڪ غريب ٿي رھيو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.