پوليو مهم جو افتتاح، ڊي سي ڏکڻ ڪراچي ٻارن کي ڦڙا پيئاريا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ ڪراچي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو جمشيد ميموريل اسڪول جو دورو ڪيو ۽ 5 سالن تائين جي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريا.
سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 7 ڏينهن واري پوليو جي خاتمي واري مهم شروع ٿي وئي آهي، ان سلسلي ۾ ڏکڻ ضلعي جي مختلف هنڌن تي 5 سالن تائين جي عمر جي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪيو ويو.
ڊي سي ڏکڻ ڪراچي جمشيد ميموريل اسڪول جو دورو ڪيو، جتي هن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ۽ اسڪول انتظاميا سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.
پوليو جي خاتمي جي مهم جي فيلڊ اسٽاف کي ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ ضروري حفاظتي سامان فراهم ڪيو ويو ۽ سخت موسمي صورتحال بابت احتياطي تدبيرن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي.
ڊي سي ڏکڻ ڪراچي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو پوليو ٽيمن کي پوليو مهم کي ڪامياب ڪرڻ ۽ 100 سيڪڙو نتيجا حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ڊي سي پاران پوليس اهلڪارن کي پڻ هدايتون جاري ڪيون ويون ته ضلعي ۾ پوليو ٽيمن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ احتياطي اپاءَ ورتا وڃن.
هن والدين ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته هو پوليو ٽيمن سان سهڪار ڪن ۽ پنهنجي پنجن سالن تائين جي عمر جي سمورن ٻارن کي هن موذي مرض کان بچاءَ جا ڦڙا لازمي پيئارين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.