نواز شريف ۽ جهانگير ترين جي تاحيات نااهلي ختم ٿي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 62 ون ايف جي تشريح جو فيصلو ٻڌائيندي تاحيات نااهلي ختم ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ نواز شريف ۽ جهانگير ترين جي تاحيات نااهلي ختم ختم ٿي وئي آهي.
سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين جي نااهلي ختم ٿي وئي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 7 رڪني بئنچ آرٽيڪل 62 ون ايف جي تشريح جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ فيصلو 5 جنوري تي محفوظ ڪيو ويو هو.
واضح رهي ته آرٽيڪل 62 ون ايف جي شق تحت 28 جولاءِ 2017 ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي پاناما پيپرز ڪيس ۾ نااهل قرار ڏنو هو.
اهڙي ريت 15 ڊسمبر 2017 ۾ ان وقت تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين کي به سپريم ڪورٽ جي هڪ الڳ بئنچ ان ئي شق تحت نااهل قرار ڏنو هو.
فيصلي کانپوءِ نواز شريف ۽ جهانگير ترين ٻنهي کي عوامي عهدو رکڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.