چيف جسٽس جي ڳالهه ۾ وزن آ يا ڪجهه سينيٽرن جي؟ چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون: بلاول

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سڀ تياري ڪري ڇڏين، ملڪ ۾ چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون.
سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو اميد ته ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس ۾ پ پ کي انصاف ملندو، هي تاريخ درست ڪرڻ جو موقعو آهي، سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي پنهنجون غلطيون مڃڻ گهرجن، اميد آهي ته چيف جسٽس ۽ ٻيا جج انصاف تي ٻڌل فيصلو ڪندا.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو اسان نٿا سمجهون ته اسان جي نظام ۾ ايتري شفافيت آهي جو ڪنهن کي ڦاهي جي سزا ڏني وڃي، هاڻ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ماضي ۾ ان کان تمام بُرو ٿيو آهي.
ملڪ ۾ شفاف چونڊن جي سوال تي سندس چوڻ هو ته عام چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون، گڏيل قومن مان به ٺهراءَ پاس ڪرايو ته چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون، چيف جسٽس جي ڳالهه ۾ وزن آهي يا ڪجهه سينيٽرن جي ڳالهه ۾، 8 فيبروري تي چونڊون ٿينديون، سڀ تياري ڪن ۽ ووٽ به وجهن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان سڀني سياسي جماعتن جو مقابلو ڪري رهيو آهيان، پ پ ئي بيروزگاري، مهانگائي ۽ غربت جو مقابلو ڪري سگهي ٿي، اسان کان تلوار کسي وئي ته اسان تير تي چونڊ وڙهي ۽ اڃا تائين وڙهي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.