ٽرمپ اوباما جو ساهه مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آمريڪي صدر باراڪ اوباما کي جوبائيڊن جي ڀيٽ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي وڌندڙ مقبوليت پريشان ڪري ڇڏيو.
اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وڌندڙ مقبوليت کان پريشان اڳوڻو صدر باراڪ اوباما جو بائيڊن سان اهم ملاقات ڪري کيس پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪيو.
باراڪ اوباما جوبائيڊن کي چونڊ مهم کي جارحاڻو بڻائڻ ۽ بهتر معاون رکڻ جو مشورو ڏنو.
اوباما بائيڊن تي واضح ڪيو ته جيڪڏهن چونڊ مهم ۾ جان نه وڌي وئي ته ٽرمپ جي کٽڻ جو امڪان وڌندو ويندو.
واضح رهي ته اڳوڻي صدر اوباما جي دور ۾ جوبائيڊن آمريڪا جو نائب صدر هو، بائيڊن جي ڪاميابي ۾ اوباما ئي اهم ڪردار ادا ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.