پاڪستان ۾ ٻارن جو وڏو انگ شگر ۾ مبتلا هجڻ جو انڪشاف، ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) طبي ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ اٽڪل هڪ لک ٻار شگر ٽائپ 1 ۾ مبتلا آهن، جن کي صحتمند زندگي گذارڻ لاءِ سڄي عمر انسولين لڳرائڻ جو مسئلو رهندو.
اسلام آباد ۾ صحت جي ماهرن چيو ته متاثر ٻارن ۾ شگر جي وقت سر نشاندهي نه ٿي، عام طور تي ٻار جي حوالي اسان اهو ناهي سمجهيو ويندو ته کيس به شگر ٿي سگهي ٿي.
هنن چيو ته جيڪڏهن ٻارن کي هر هر پيشاب اچي، سخت بُک لڳي ۽ وزن اوچتو گهٽجي وڃي ته فوري طور تي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي وڃو، جيئن شگر چيڪ ڪري مناسب قدم کڻي سگهجن.
ماهرن خطري جي نشاندهي ڪندي چيو ته ٽائپ ون شگر ۾ مبتلا ڪيترن ئي ٻارن جو صحيح وقت تي علاج شروع ناهي ٿي سگهندو ۽ بيماري جي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي اهي موت جو شڪار ٿي ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.