اوتاوا (م ڊ) ڪينيڊا پنهنجي شهرين کي پاڪستان جي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي. ڪينيڊا جي حڪومت ۽ هاءِ ڪميشن پنهنجي شهرين لاءِ پاڪستان جي حوالي سان سفري هدايت نامو جاري ڪيو آهي، ڪينيڊين هاءِ ڪميشن طرفان جاري هدايت نامي جي سيڪيورٽي ليول 2 ۾ پاڪستان جي سفر ۾ تمام گهڻو احتياط ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي، هدايت نامي موجب پاڪستان ۾ غير امڪاني سيڪيورٽي صورتحال سبب انتهائي احتياط ڪيو، دهشتگردي، بدامني، فرقيواراڻي تشدد ۽ اغوا جو خطرو آهي. ڪينيڊين هاءِ ڪميشن شهرين کي مشورو ڏنو آهي ته پاڪستان جي سرحدي علائقن ۾ سفر کان پاسو ڪيو.