اسرائيلي فوج جي غزا تي بمباري جاري، وڌيڪ 125 فلسطيني شهيد

ڪراچي (م ڊ) اسرائيلي فوج جي غزه ۾ مسلسل بمباري جاري آهي، اسرائيل خان يونس ۽ رفع ۾ بارود وسايا، 24 ڪلاڪن جي اندر وڌيڪ  125 فلسطيني شهيد ٿي ويا، فلسطيني خابرو اداري موجب اسرائيل گذريل رات جو دير سان شديد بمباري جي نتيجي ۾ خان يونس ۾ گهٽ ۾ گهٽ 32 ماڻهو مارجي ويا، رفع ۾ محفوظ علائقو قرار ڏيڻ بعد به مسلسل حملا جاري آهن، رفع جي رهائشي علائقي ۾ گولا فائر ٿيڻ سبب 5 فلسطيني شهيد ٿي ويا،  اسرائيلي جي دفاع واري وزير غزه جي سمورن علائقن ۾ فوجي آپريشن جاري رکڻ جو اعلان ورجائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسرائيلي طرفان پناهگيرن جي ڪيمپن تي به بمباري ڪئي وئي، غزه جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته 24 ڪلاڪن دوران 125 ماڻهو شهيد ٿي ويا. ۽ 318 زخمي ٿي پيا، آڪٽوبر کان غزه تي اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 22 هزار 438 ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ گهٽ ۾ گهٽ 57 هزار 614 زخمي ٿي پيا،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.