ڪراچي( م ڊ) سنڌ ۾ موت جي سزا مليل معطل جج 10 ورهين تائين پگهارون ۽ ٻيون سهولتون وٺندو رهيو آهي، اهڙوانڪشاف ٿيو آهي ته قتل ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائيندڙ معطل سيشن جج سڪندر لاشاري ڏهن سالن کان پگهارون ۽ الائونسز وصول ڪري رهيو آهي. سيشن جج خالد شاهاڻي جي پٽ جي قتل ڪيس ۾ 2014ع ۾ گرفتار ٿيل معطل سيشن جج سڪندرلاشاري کي 2018ع ۾ اي ٽي سي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ٻڌائي هئي.2020ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ معطل جج سڪندر لاشاري ۽ هڪ ٻئي جوابدار جي موت واري سزا برقرار رکي. سنڌ هاءِ ڪورٽ اڃا تائين جوابدار خلاف ڪا به کاتي وار ڪارروائي نه ڪئي آهي. قانوني ماهرن ان ڪيس ۾ عدالت جي روش کي پنهنجي آفيسر جي جانبداري ۽ حمايتي قرار ڏنو . رجسٽرار سنڌ هاءِ ڪورٽ رابطي ۽ لکت واري درخواست باوجود موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.