ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي ٿيز ته ڪٿي هلڪي برسات جاري، ٿڌ ۾ واڌ، اسڪولز ۽ آفيسز ۾حاضري گهٽجي وئي، ڪراچي ۾ ٿڌي هوائن شهرين کي سيسراٽيون ڏياري ڇڏيون، ڪشمور، غوثپور، ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي، خيرپور، دادو، شهدادڪوٽ، ڪنڊيارو ۽ سجاول جوڻيجو ۾ وسڪارو، پيارو اسٽيشن، قصبو، قمبر، بهرام، لالو رائنڪ، ڪريم بخش کوسو، ڪنڌرا، ڪرمپور ۽ مبارڪپور ۾ مينهن وسي پيو، صالح پٽ، ميان صاحب، همايون، مٺياڻي، پکو، داد لغاري ۽ واهي پانڌي سميت مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان وسڪارو، سيءُ وڌي وڃڻ ۽ برسات سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ به ٿڌي هوائن جو رخ، سيءَ جي لهر وڌي وڃڻ ڪري اسڪولز ۽ آفيسز ۾ حاضري گهٽ رهي، استادن ۽ شاگردن طرفان ٿڌ ۾ واڌ سبب اسڪولن جي موڪلن ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.