نئين سال جو پهريون هفتو، ٽماٽن سميت 19 شيون مهانگيون

ڪراچي (م ڊ) نئين سال جي پهرين ئي هفتي مهانگائي ۾ اضافو ٿيو ۽ هفتيوار مهانگائي 0.81 سيڪڙو وڌي وئي، شماريات واري اداري  جي رپورٽ موجب ان اضافي بعد ملڪ ۾ مهانگائي جي سالياني شرح 72.86 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ هفتي 19 شيون مهانگيون ۽ 9 سستيون ٿيون، جڏهن ته 23 ضروري شين جون قيمتون مستحڪم رهيون، هڪ هفتي ۾ ٽماٽا 16 سيڪڙو ۽ ڪُڪڙ 13.98 سيڪڙو مهانگو ٿيو، جڏهن ته آنا 3.2 سيڪڙو، بصر ۽ ڪيلا 2.1 سيڪڙو مهانگا ٿيا، چڻن جي دال جي قيمت ۾ 2.12 سيڪڙو، کنڊ ۾ 2 سيڪڙو ۽ منڱن جي دال ۾ 1.68 سيڪڙو اضافو ٿيو، هڪ هفتي ۾ ايل پي جي سلينڊر 1.19 سيڪڙو مهانگو ٿيو، هفتي ۾ پٽاٽا 8.68 سيڪڙو ۽ پتي 1.29 سيڪڙو سستي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.