لاڙڪاڻو (عوامي آواز نيوز) لاڙڪاڻي جي ڀينس ڪالوني ۾ ريلوي ڦاٽڪ وٽ فائرنگ ۾ نوجوان دڪاندار قتل ٿي ويو، ڀينس ڪالوني ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ علي بخش ڪلهوڙو مارجي ويو، مقتول جو لاش چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو، ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، رحمت پور پوليس موجب نوجوان کي قتل ڪندڙ هڪ جوابدار اسلام ولد پٺاڻ جتوئي کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، ان موقعي تي مقتول نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته هٿياربندن دڪان تي چڙهائي ڪئي ته نوجوان علي بخش مزاحمت ڪندي هڪ ڦورو کي پڪڙي ورتو، جوابدار گهيرو تنگ ڏسي فائرنگ ڪري اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو، پوليس ۽ شهرين جوابدار کي پڪڙي ورتو آهي، ٻيا جوابدار فرار ٿي ويا، ٻين قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.