بلاول شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي ميراث جو حقيقي وارث آهي:فريال ٽالپر

ڪراچي(رپورٽر)  پاڪستان پيپلزپارٽي عورتن جي مرڪزي  شعبي جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ان جي 96هين  جنم ڏينهن تي خراب عقيدت پيش ڪيو آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز مطابق پ پ عورتن جي شعبي جي سربراهه پنهنجي پيغام ۾ چيو ته قائد عوام مظلوم، بدحال ۽ محروم طبقن لاءِ اميدن جو روشن مينار هو.  پاڪستان جو عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ڊڪٽيٽرن جي خلاف ان جي دليراڻي مزاحمت جي ياد کي هميشه  پنهنجي دلين ۾ محفوظ رکندو، فريال ٽالپر عوام تي زور ڏنو ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊون شهيد ذاوالفقار علي ڀٽو  جي شروع ڪيل مشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ اهم سنگي ميل ثابت ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته  پاڪستان کي مهانگائي، بيروزگاري ۽ ملڪ کي ڌٻڻ  مان ڪڍي خوشحالي، ترقي  برابري جي دور  ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جا هٿ مضبوط ڪرڻ اسان سڀني لاءِ اڻٽر آهي. جيڪو شهيد ذوالفقار  علي ڀٽو  جي سياسي ميراث جو حقيقي وارث ۽ علمبردار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.