ملتان(م ڊ) اڳوڻي صدر۽ پ پ پ جي صدر آصف علي زرداري قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 96 هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي ملتان ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي پ پ جي باني کي زبردست انداز ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو، هن چيو ته کيس ڏکڻ پنجاب جي صورتحال جي خبر هئي ان ڪري هن يوسف رضا گيلاني کي وزيراعظم پاڪستان بڻايو،پ پ هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي، اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام متعارف ڪرايو ته جيئن پاڪستان جي غريب عورتن جي مدد ٿي سگهي هن چيو ته 2008-13 دوران ڪڻڪ ۽ ڪپهه جي سپورٽ پرائس ۾ اضافو ڪيو ته جيئن غريب هاري به ان مان فائدو کڻي، هن چيو ته اسان جي حڪومت دوران رڳو ڪپهه جي ايڪسپورٽ 25 ارب ڊالر کان وڌي وئي هئي ۽ پاڪستان جي ڪل ايڪسپورٽ 40 بلين ڊالر ٿي وئي هئي، بدقسمتي سان اسان جي حڪومت کانپوءِ ترقي جي اها رفتار جاري نه رهي، هن چيو ته پاڪستان جو عوام انتهائي مضبوط آهي، اها ڳالهه ملڪ جي حقيقي استحڪام آهي،اسان جي عوام کي اسان تربيت ڏينداسين ۽ اها شئي اسان کي فائدو پهچائيندي، هن چيو ته اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ريفرنس سپريم ڪورٽ موڪليو جنهن جي ٻڌڻي هاڻي ٿي رهي آهي، اسان انشاءَ الله ان ۾ ڪامياب ٿينداسين ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو معصوم ثابت ٿيندو،صدر زرداري چيو ته کيس شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي هر ڳالهه ياد آهي، مان جيل ۾ انهي سيل ۾ رهيس جتي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به قيد رهيو، جيل جي عملي تي شهيد ڀٽو جون سموريون ڳالهيون ٻڌايون هن چيو ته هو ملتان،ڏکڻ پنجاب ۽ سمورن صوبن کي خوشحال بڻائيندو، واعدو ڪريان ٿو ته عوام ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خدمت آخري ساهه تائين جاري رکندس