اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءِ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پرڏيهي رسالي ” دي اڪنامسٽ“ ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي شايع ٿيل مضمون جي حوالي سان ايڊيٽر کان پڇي رهيا آهيون، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري بيان ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان دي اڪانومسٽ جي ايڊيٽر کي مبينا طور تي عمران خان جي طرفان لکيل مضمون جي باري ۾ لکي رهيا آهيون،هن چيو ته اها ڳالهه حران ۽ پريشان ڪندڙ آهي ته ميڊيا جي هڪ معزز ادارو هڪ اهڙي فرد جي نالي سان مضمون شايع ڪيو جيڪو جيل ۾ آهي ۽ ان کي سزا ملي چڪي آهي، مرتضيٰ سولنگي چيو ته اخلاقي ميار برقرار رکڻ ۽ ذميواراڻي صحافت کي هٿي ڏيڻ انتهائي ضروري آهي، اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته دي اڪانومسٽ جي طرفان مضمون جي اشاعت جي حوالي سان ادارتي فيصلو ڪيئن ڪيو ويو.