قاسم خاصخيلي
ملڪ ۾ عام چونڊن جون تياريون عروج تي آھن. نامينيشن فارم ڀرجي چڪا آھن انهن کان پوءِ وارا مرحلا پڻ پنهنجي شيڊيول مطابق اڳتي وڌي رهيا آھن جڏهن ته اليڪشن جي اعلان کان پوءِ ملڪ جون تقريبن سڀئي پارلياماني سياست ڪندڙ پارٽيون پنهنجي پنهنجي چونڊ منشور موجب عوام سان نون واعدن ۽ اعلانن جي تياري ۾ رڌل آھن. ڪن پارٽين چونڊ مھم شروع به ڪري ڇڏي آھي ملڪ جي اڪثر وڏين پارٽين پاران هڪ ڀيرو ٻيھر عوام جو ڀرپور اعتماد حاصل ڪرڻ لاءِ چونڊ ميدان ۾ لھڻ جي حڪمت عملي کي ترتيب ڏيڻ سان اڳتي وڌائڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آھي.
پاڪستان پيپلز پارٽي پڻ ان سلسلي ۾ 27 ڊسمبر تي شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي 16هين ورسي جي موقعي تي ڪيل عام جلسي ۾ باقائدي پنهنجي ڏھ نقاطي چونڊ منشور جو اعلان ڪري عوامي رابطه مھم جي باقائده شروعات به ڪري ڇڏي آھي. پيپلز پارٽي جي منشور جو اعلان پيپلز پارٽي جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي خطاب ۾ چونڊ مهم جي شروعات ڪيو آهي جنهن ۾ ھڪ ڀيرو ٻيهر عوام سان وڏا واعده ڪيا ويا آھن جن ۾ گهرن جي تعمير ۽ غريب عوام جي لاء مختلف ٻين منصوبن سميت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ سؤ سيڪڙو واڌ ڪرڻ جا اعلان به شامل آھن، ان طرح سان ملڪ جي ٻين پارٽين پڻ عوامي ڀلائي لاءِ ملڪ جي عام عوام سان هن ڀيري به ٿيندڙ اليڪشن ۾ ڪيترن ئي واعدن ڪرڻ جو هڪ اڻ کٽ سلسلو جاري ڪري ڇڏيو آهي جيڪو هر پارٽي جو بنيادي به حق آھي.
پر هتي سوال اهو به پئدا ٿئي ٿو ته ڇا اليڪشن جي موقعي تي عوام سان ٿيندڙ واعدا وفا به ٿين ٿا يا رڳو ووٽ وٺڻ لاءِ عوام کي لالي پاپ ڏئي ان کي سونهري خواب ڏيکاري صرف ووٽ ورتا ٿا وڃن، جنهن جي جواب ۾ اسان کي انڪار جهڙا لفظ ٻڌڻ لاء ملن ٿا، ڇو ته پاڪستان جي 76 سالن جي تاريخ ۾ جيڪي به اليڪشنون ٿيون آھن جيڪڏهن انهن کي ڏسجي يا سياسي پارٽين جي واعدن ۽ اعلانن کي ڏسجي ته ان سوال جو جواب ڳولڻ ۾ ڪابه دير نه لڳندي ته اڪثر سياسي پارٽيون ووٽ وٺڻ جي لالچ ۾ وڏا خواب ڏيکاري سحر انگيز نعرا ايجاد ڪري ووٽ وٺي پوءِ واپس عوام طرف نهارڻ به گوارا ناهن ڪنديون جنهن جي نتيجي ۾ عوام جو جيڪو حال ٿيو آھي اهو ڪنهن کان ڳجهو ناهي رهيو، ڏٺو وڃي ته عوامي منشور تي ٿورو ئي سهي پر پاڪستان پيپلز پارٽي وري به ڪنهن موڙ تي ڪو معمولي ئي سھي پر ڪجھه نه ڪجھه عمل ڪيو آھي ان پنهنجي اقتدار ۾ دوران سرڪاري نوڪرين سميت ڪجھه ٻيون سهولتون عوام کي ڏيڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آھي پر عوام جو جيڪو اصل حق آھي اهو ڪنهن به پارٽي ادا ناهي ڪيو، جيڪڏهن مهانگائي کي ڏسبو ته ان تي عوام کي ڪوبه ريليف نه ٿو ملي، پيٽرول ڊيزل جا اگهھ عالمي منڊي جي لاٿ موجب طئي ڪري عوام کي ان جو فائدو نٿو ڏنو وڃي، دنيا جي اڪثر ملڪن سان واپار ڊالرن ۾ ٿئي ٿو پر ڊالر جو اگھه روپئي جي ڀيٽ ۾ ڪنٽرول نٿو ڪيو وڃي، غريب هارين کي مفت زمينون نٿيون ڏنيون وڃن، رشوت، ڪرپشن تي ضابطو نه آھي، سرڪاري ڪامورن جي ناجائزين تي ڪو ايڪشن ڏسڻ ۾ نٿو اچي، زرعي مقصدن لاءِ پاڻي جي ورهاست ايمانداري سان نٿي ٿئي، ڪلر ٻج سميت ٻين شين جي بليڪ مارڪيٽنگ تي به اهي ئي سياسي پارٽيون خاموش نظر اينديون آھن، اٽي، کنڊ، گيھه، چانورن سميت ٻين کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ جي روڪٿام لاء ڪو خاطر خواھ قدم نٿو کنيو وڃي، زميني ۽ آسماني آيل آفتن کان پوء عوام کي فوري ريليف مهيا ڪرڻ بدران وڏن جاگيردارن، سردارن، ميرن، ڀوتارن، وزيرن مشيرن، ڪامورن جي مرضي ۽ منشاء مطابق فيصلا ڪري عام ماڻھو کي ريليف ڏيڻ واري ڳالھه کي نظر انداز ڪيو ٿو وڃي، پوليس جي ارھ زوراين نوجوانن کي بي گناھ فل فرائي ۽ هاف فرائي جي نالي عدالتن کان مٿان قدم کڻڻ جھڙن ڪڌن عملن ۾ ملوث پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي سزا کان آجو ڪري ڇڏڻ، سري عام روڊن رستن تي ٽريفڪ پوليس کان ويندي ايڪسائيز پوليس ۽ سنڌ پوليس جي ناحق رشوت خوري کي روڪڻ لاءِ ڪو قدم نه کڻڻ سبب ڏينهون ڏينهن عام ماڻھو جي پريشانين ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو، چورين ڦرن ۽ ڌاڙن سميت ماڻھن جي اغوا وارين وارداتن کي ٻنجو لاء قدم کڻي ڏوهارين کي ڪابه سياسي پارٽي سفارشي ڪلچر تحت آزاد ڇڏي ڏيڻ جھڙا ڏوھ ڪڏهن به عملي قدم کڻي روڪي ناهي سگهي، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، اسپتالن ۾ مفت دوائن جو نه هجڻ ياجوڳو علاج نه ٿيڻ، بجلي ۽ گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ، مسڪين هارين کي فصلن جا مناسب اگھه نه ملڻ سميت پرائمري کان يونيورسٽي سطح تائين غريب ٻار کي مناسب تعليم نه ڏيڻ، غربت گهٽائڻ لاءِ ملڪ جي هر شھر ۾ ننڍيون ننڍيون صنعتون نه لڳائڻ سبب بي روزگاري ۾ اضافي جي ڪري وڌندڙ غربت ۽ نتيجي ۾ ڏينهون ڏينهن خودڪشي ڪرڻ جي لاڙي ۾ اضافو ٿيڻ واري معاملي تي سنجيدگي وارا قدم نه کڻڻ. جڏهن ته ان کان علاوه پڻ عوام جن جن مصيبتن ۾ ورتل آھي ان کان به هر ڪا سياسي پارٽي چڱي طرح واقف آھي پر پوءِ به اقتدار ۾ ايندڙ توڙي اپوزيشن ۾ ويهندڙ پارٽين مان ڪنهن به عوامي مسئلن تي ڪڏهن ڪا سنجيدگي ناهي ڏيکاري، جنهن ڪري ملڪ جو غريب عوام مسئلن جي ڌٻڻ ڦاٿل آھي انهن مسئلن کي صرف لالي پاپ يا سکڻن دلاسن سان حل نٿو ڪري سگهجي
پر هاڻ تبديلي جي سخت ضرورت آھي جيڪا به پارٽي ايندڙ چونڊن کان پوءِ اقتدار ۾ اچي ۽ جيڪي به پارٽيون اپوزيشن ۾ ويهن انهن کي گهرجي ته هاڻ پنهنجي واعدن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ عملي طور ملڪ جي پيڙھيل طبقي کي ريليف ڏيڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن جيڪو وقت جي ضرورت به آھي ۽ سندن اهو ڪم ضايع نٿو وڃي سگهي ڇو ته هن وقت سوشل ميڊيا وسيلي سندن اهو ڪيل ڪم هر ڪهن کي نظر به ايندو جيڪڏهن سياسي پارٽيون پنهنجي ڪيل واعدن تي اڌ جيترو به عمل ڪري مليل پنهنجي مدي جا پنج سال پورا ڪري آيون به ته وري ايندڙ ڀيري ٿيندڙ اليڪشن ۾ هو به عوام آڏو سرخرو ٿي ووٽ گهرڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس نه ڪري سگهنديون ۽ جواب ۾ اهو ئي عوام به سندن واعدن کي سچو سمجهي وري اقتدار جهڙي اعلي منصب تي کين ويهاري سگهي ٿو.
ڏٺو وڃي ته عوامي منشور تي ٿورو ئي سهي پر پاڪستان پيپلز پارٽي وري به ڪنهن موڙ تي ڪو معمولي ئي سھي پر ڪجھه نه ڪجھه عمل ڪيو آھي ان پنهنجي اقتدار ۾ دوران سرڪاري نوڪرين سميت ڪجھه ٻيون سهولتون عوام کي ڏيڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آھي پر عوام جو جيڪو اصل حق آھي اهو ڪنهن به پارٽي ادا ناهي ڪيو،