بدين: ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٻه ڄڻا قتل، نينگري زخمي

بدين (ويب ڊيسڪ) ڪڙيو گھنور ٿاڻي جي حد ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 نوجوان مارجي ويا جڏهن ته هڪ نينگري زخمي ٿي پئي.

ڳوٺ پانڌي چانگ ۾ ڪولھي ۽ چانگ برادري وچ ۾ جھڙي دوران ڪُهاڙيون لڳڻ سبب   22 ورهين جو رمضان چانگ ۽ 30 ورهين جو حادجي چانگ مارجي ويا جڏهن ته 14 ورهين جي نينگري خطي چانگ سخت زخمي ٿي پئي.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمي نينگري کي اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.