حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته پيپلز پارٽي مڪاني ادارن جو پئسو اليڪشن مھم تي خرچ ڪري رھي آھي ميئر ۽ چيئرمينز کي معطل ڪري بلدياتي ادارن جا اڪائونٽ فريز ڪيا وڃن ۽ لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن کي پگھار کانسواءِ باقي بجيٽ بند ڪئي وڃي.
پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾اياز لطيف پليجو جو چوڻ هو ته سڄي سنڌ ۾ ميئر ۽ يوسي چيئرمين بجيٽ کي اليڪشن لاءِ استعمال ڪري رھيا آھن. سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن لوڪل گورنمينٽ ۾ آھي. ڪرپٽ يوسي سيڪريٽري، ٽائون ۽ ميونسپل آفيسر پ پ نمائندن جي بنگلن تي ويھي سرڪاري پئسا انھن جي اشارن تي خرچ ڪري رھيا آھن.
هن چيو ته سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنجڻ نه ڏنو ويندو. ايندڙ اليڪشن ۾ ڪرپٽ ماڻھن جو صفايو ٿي ويندو.