بدين (ويب ڊيسڪ) ڪڙيو گھنور ٿاڻي جي حد ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 نوجوان مارجي ويا جڏهن ته هڪ نينگري زخمي ٿي پئي.
ڳوٺ پانڌي چانگ ۾ ڪولھي ۽ چانگ برادري وچ ۾ جھڙي دوران ڪُهاڙيون لڳڻ سبب 22 ورهين جو رمضان چانگ ۽ 30 ورهين جو حادجي چانگ مارجي ويا جڏهن ته 14 ورهين جي نينگري خطي چانگ سخت زخمي ٿي پئي.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمي نينگري کي اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.