سيف علي خان ۽ ڪرينا ڪپور ڪولڪتا ڪرڪيٽ ٽيم جا مالڪ بڻجي ويا

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان ۽ سندس گهرواري اداڪارا ڪرينا ڪپور ڪولڪتا ڪرڪيٽ ٽيم خريد ڪري ورتي.

ڀارتي ميڊيا موجب، بالي ووڊ جوري انڊين اسٽريٽ پريميئر ليگ جي ٽيم خريد ڪئي آهي.

ان ڏس ۾ ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيف علي خان ۽ ڪرينا ڪپور جو چوڻ هو ته آءِ ايس پي ايل سان ڀائيواري سندن ڪرڪيٽ سان محبت جو اظهار آهي.

اداڪار سيف علي خان جو پيءُ نواب منصور علي خان پٽودي ڀارت جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان پڻ رهيو آهي جڏهن ته سندس امڙ جو واسطو ڪولڪتا سان آهي.

آءِ ايس پي ايل جي ٻين ٽيمن جي مالن ۾ بالي ووڊ اداڪار اميتاڀ بچن، اڪشي ڪمار، هرٿيڪ روشن به شامل آهن.

انڊين اسٽريٽ پريميئر ليگ ۾ ڇهه ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، ڇهه مارچ کان شروع ٿيندڙايونٽ جو فائنل 15 مارچ تي ٽورنامينٽ جي ٻن بهترين ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.