لاڀ حاصل ڪندڙ ادارن کي پيءَ بڻائي ڇڏيندا آهن: نگران وزيراعظم

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ انصاف جي نظام تي وڏا سنگين سوال آهن، رياست جي ڪجهه ادارن مان لاڀ حاصل ڪندڙ ادارن کي پيءَ جو درجو ڏيڻ شروع ڪندا آهن ۽ جڏهن فائدو ناهي ملندو ته انهن کي ويڳو پيءَ بڻائي ڇڏيندا آهن.

بيڪن هائوس نيشنل يونيورسٽي لاهور ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته نوجوان قوم جو مستقبل آهن کين قومي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي.

هڪ شاگرد وزيراعظم کان سوال ڪيو ته يوسف رضا گيلاني ۽ نواز شريف جي حڪومت جي خاتمي يا قاسم جي پيءَ جي گرفتاري لاءِ عدالتون رات جو به کوليون وينديون آهن پر زينب مرڊر ڪيس ۽ موٽر وي گينگ ريپ ۽ اهڙن ٻين واقعن ۾ ائين ناهي ٿيندو.

جنهن جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ ۾ انصاف جي نظام تي وڏا سنگين سوال آهن ۽ جيستائين اسان انهن سوالن جا جواب نه ڳولينداسين هتي ڪنهن جو به محفوظ رهڻ ڏکيو آهي.

هن چيو ته اصول برابري جي بنياد تي لاڳو ٿيڻ گهرجن، قاسم جو پيءَ جڏهن وزيراعظم هوندو آهي ته کيس حميد جي ماءُ نظر ناهي ايندي، رياست جي ڪجهه ادارن مان فائدو ماڻيندا آهن ته انهن کي پيءُ جو درجو ڏيڻ شروع ڪندا آهن ۽ جڏهن ته فائدو ناهي ٿيندو ته کين ويڳو پيءَ بڻائي ڇڏيندا آهن.

اسلام آباد ۾ بلوچستان مان آيل مظاهرين جي حوالي سان سوال تي وزيراعظم چيو ته پهرين ڳالهه اِها آهي ته احتجاج قانوني حدن ۾ ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته حڪومت قانون لاڳو ڪرڻو هوندو آهي، اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙن کي قانون موجب روڪيو ويو، رياست تشدد جي اجازت نٿي ڏئي سگهي، احتجاج ڪندڙن طرفان پٿراءُ يا حملي تي قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو آهي، گرفتار ڪيل سمورن ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.