ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ماڊل ٽائون ۾ جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو سان سندس رهائش گاهه پهچي تعزيت ڪئي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مولانا راشد محمود سومري سان سندس معصوم پٽ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻارڙي جي پيءُ راشد محمود سومري ۽ ۽ ٻين وارثن لاءِصبر جي به دعا ڪئي.
ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ سهيل انور سيال، ناصر شاهه ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ موجود هئا.
You might also like