دي راڪ ۽ رومن رينز هڪ ٻئي سان مقابلي لاءِ تيار؟

ڊوائن جانسن جيڪو دي راڪ جي نالي سان مشهور آهي ۽ رومن رينز اهڙا ريسلز آهن جن جا مداح پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ آهن.
هاڻي امڪان آهي ته اهي ٻئي پهريون ڀيرو هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اچي سگھن ٿا.
جي ها واقعي رومن رينز سان ڊريم ڊبليو ڊبليو اِي ميچ جو اشارو پاڻ راڪ ڏنو آهي.
پهرين جنوري تي (Raw) نالي شو دوران دي راڪ جي گھڻي عرصي کان پوءِ ڊبليو ڊبليو اِي ۾ واپسي ٿي.
دي راڪ سڌي ريت ته رومن رينز کي چئلينج نه ڪيو، پر هن ان ڊريم ميچ جو اشارو ضرور ڏنو.
رومن رينز پاڻ کي ٽرائبل چيف ۽ هيڊ آف دي ٽيبل چوندو آهي ۽ دي راڪ شو دوران هيڊ آف دي ٽيبل بڻجڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.
واضح رهي ته رومن رينز ۽ دي راڪ سڳا سئوٽ آهن ۽ ٻئي هڪ فلم ۾ گڏجي ڪم به ڪري چڪا آهن.
ٻئي Anoa’I family سان واسطو رکن ٿا ۽ رومن رينز کي ڊبليو ڊبليو اِي چيمپيئن بڻي هڪ هزار ڏينهن کان وڌيڪ عرصي ٿي چڪو آهي.
ٽن سالن جي عرصي ۾ هن جان سينا، بروڪ ليسنر، ايج ۽ ٻين وڏن ريسلرز کي شڪست ڏني آهي.
اهو ته واضح نه آهي ته دي راڪ ۽ رومن رينز وچ ۾ مقابلو ڊبليو اي چيمپيئنشپ لاءِ هوندو يا نه.
پر اهو واضح آهي ته ٻنهي وچ ۾ ميچ سڄي دنيا ۾ مداحن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويندي.
رومن رينز پاران به دي راڪ جي لفظن تي ايڪس (ٽوئيٽر جو نالو) تي هڪ پوسٽ ۾ رد عمل ظاهر ڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ به رومن رينز ۽ دي راڪ وچ ۾ 2023ع ۾ ريسل مينيا ايونٽ ۾ مقابلن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو پر ائين نه ٿي سگھيو.
هاڻي وڌيڪ امڪان آهي ته اهي ٻئي ريسل مينيا 40 ۾ هڪ ٻئي سان وڙهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.