واشنگٽن (م ڊ) پاڪستان لاءِ ستر ڪروڙ ڊالرز قسط جي منظوري لاءِ آءِ ايم ايف بورڊ جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، ِ ايم ايف ايگزيڪٽيو بورڊ جي اجلاس جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو، بورڊ جو اجلاس يارنهن جنوري تي طلب ڪيو ويو آهي، لاس ۾ ستر ڪروڙ ڊالرز قسط جي منظوري جو امڪان آهي، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ پندرنهن نومبر تي اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿيو هو، آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽيو بورڊ طرفان ستر ڪروڙ ڊالرز جي منظوري کانپوءِ پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل رقم 1.9 ارب ڊالر ٿي ويندي.