ڊسمبر ۾ مهانگائي حڪومتي ڪاٿي کان به وڌيڪ 29.66 سيڪڙو رڪارڊ

اسلام آباد(م ڊ)ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 30.9 سيڪڙو تائين پهچي وئي، جڏهن ته هڪ مهيني دوران ضروري شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو.شماريات واري وفاقي بيورو مهانگائي جي ڊيٽا جاري ڪري ڇڏي  آهي، جنهن موجب ڊسمبر ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 0.82 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ 6 مهينن ۾ مهانگائي جي سراسري شرح 28.79 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.شماريات واري اداري جي انگن اکرن موجب ڊسمبر جي مهيني دوران مهانگائي جي شرح 29.66 سيڪڙو، شهري علائقن ۾ مهانگائي جي شرح 0.73 سيڪڙو ۽ ٻهراڙين ۾ مهانگائي جي شرح 0.96 سيڪڙو رهي.رپورٽ موجب شهري علائقن ۾ مهانگائي جي شرح 30.9 سيڪڙو جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 27.9 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي،گذريل مهيني بصر31 سيڪڙو، خشڪ ميوو 5 سيڪڙو، دال ۽ انڊا 5 سيڪڙو ۽ کنڊ 2.5 سيڪڙو تائين مهانگي ٿي،رپورٽ موجب ڪڻڪ، اٽي، خشڪ کير ۽ گوشت جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيو، ڊسمبر ۾ بجلي جا اگهه 16 سيڪڙو، ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 12 سيڪڙو، تيار ٿيل ڪپڙن جي اگهن ۾ 4 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي.شماريات بيورو پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ساليانو بنيادن تي کاڌو 27.50 سيڪڙو، مشروبات 83 سيڪڙو مهانگو ٿيو آهي، جڏهن ته هڪ سال دوران ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 28.60 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.هڪ سال ۾ تعليم 13.52 سيڪڙو ۽ صحت جون سهولتون 23.36 سيڪڙو مهانگيون ٿيون.شماريات واري بيورو موجب هائوسنگ، پاڻي، بجلي، گيس جي قيمتن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 38 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، تفريحي سهولتون 38 سيڪڙو کان وڌيڪ مهانگيون ٿي ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.