نواز شريف جا نامزدگي ڪاغذ درست قرار ڏيڻ جو فيصلو چئلينج

لاهور(م ڊ) نواز شريف جا نامزدگي ڪاغذ درست قرار ڏيڻ جو فيصلو چئلينج ڪيو ويو آهي. اين اي 130 تي فارم بحال ٿيڻ خلاف  اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪرائي وئي آهي. پاڪستان عوامي محاذ جي سربراهه اشتياق چوڌري اپيل داخل ڪرائي آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ نواز شريف کي تاحيات نااهل قرار ڏنو آهي، هو اليڪشن وڙهڻ جو اهل ناهي، رٽرننگ آفيسر نواز شريف جا ڪاغذ حقيقتن جي ابتڙ منظور ڪيا.

ايم ڪيو ايم جي نواز ليگ کي ڪراچي ۾ 3 سيٽن جي آڇ، اين اي 242 تي ڊيڊ لاڪ

ڪراچي (م ڊ) عام چونڊن ۾ سيٽ ايڊجسمينٽ  جي حوالي سان ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ نواز ليگ جي ڳالهين واري ڪميٽي جي وچ ۾ ڳالهين جو ايندڙ مرحلو اربع تائين ٿيندو، مرڪزي قيادت جي طرفان ٻنهي پاسن کان ٺاهيل مذاڪراتي ڪميٽي جي ٻنهي طرفن جي ميمبرن جو چوڻ آهي ته اسان سيٽ ايڊدجسٽمينٽ جي ويجهو پهچي ويا آهيون، اسان جي وچ ۾ سٺي رليشن شپ تمام گهڻي مستحڪم آهي، ايم ڪيو ايم اين اي 242 جي عيوض نواز ليگ کي ڪراچي کان قومي اسيمبلي جي ٽن سيٽن تي آڇ ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ملير جون ٻه ۽ لياري جي هڪ سيٽ شامل آهي، ٻنهي جماعتن ۾ اين اي 242 تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، ان سيٽ تي نواز ليگ جي صدر شهباز شريف ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مصطفيٰ ڪمال پنهنجي پنهنجي پارٽين طرفان اميدوار آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.