ملڪ ۾ چونڊن جون سرگرميون جاري آھن. جنھن ۾ اميدوارن جي ڪاغذن جي نامزدگيءَ جي مرحلي ۾ شايد ھي پھروين ڀيرو ھجي جو ايڏي وڏي پئماني تي اميدوارن جا نامزدگيءَ فارم رد ڪيا ويا ھجن.جنھن ۾ گھڻو انگ پاڪستان تحريڪ انصاف سان لاڳاپو رکندڙ اميدوارن جو آھي،جنھن ڪري مبصر ان خيال جا آھن تھ اھا پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف انتقامي ڪارروائي آھي،ڇاڪاڻ جو ان جماعت ملڪ جي مضبوط ڌر اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪر ۾ آيل آھي.جڏھن تھ ھڪ ٻيو خيال ھي بھ موجود آھي تھ پاڪستان تحريڪ انصاف ڄاڻي واڻي اھڙا ڪاغذ جمع ڪرايا آھن،جئين اھي رد ٿي وڃن ۽ اھو تاثر عام ڪري سگھجي تھ ملڪ ۾ ٿيندڙ چونڊون اڻڌريون نھ رھيون آھن،پر ٻيو خيال ملڪ جي اڪثريت قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.
نوڪرشاھي تي ٻڌل ھي اھو ئي عمل آھي،جنھن جي اليڪشن ڪميشن ۾ مقرري تي اڳ ۾ ئي،پي ٽي آءِ اعتراض ڪندي عدالت جو درکڙڪايو ھو.اميدوارن جي ڪاغذن جي نامزدگيءِ رد ٿيڻ خلاف متاثر ڌر کي اليڪشن ڪميشن جي ٽربيونلز ۾ درخواست داخل ڪرڻ ۽ ڪاغذن تي اعتراض ختم ڪرڻ جو مرحلو بھ اڃان آھي،جنھن ۾ انھن جي بحالي جو امڪان آھي.ان وقت تائين بھرحال اھي اميدوار ذھني دٻاءِ جو شڪار آھن.
چونڊن جي ھن مرحلي تي ملڪ جي ميڊيا ۾ چونڊن جي اڻڌري ھجڻ بابت سوال پئدا ٿي رھيا آھن،نامزدگيءَ جي ڪاغذ پٽن جمع ڪرائڻ جي آخري ڏينھن تي اميدوارن سان گڏ انھن جي تائيد ڪندڙن ڪجھھ سياسي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ ۽ انھن تي تشدد جون بھ ڪجھھ وڊيوز وائرل ٿيل آھن.جنھن ڪري ھن وقت سموري ملڪ ۾ چونڊن جي شفافيت تي وري بحث تيز ٿي ويو آھي.
ميڊيا موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جا لاهور ۽ ميانوالي مان نامزدگي ڪاغذ رد ٿي ويا.لاهور جي تڪ اين اي 122 تان عمران خان جي نامزدگي تي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ميان نصير اعتراض ڪيو هو.تھ پي ٽي آءِ باني جو پروپوزر ۽ حامي اين اي 122 جو ناهي. توشه خانه ڪيس ۾ به نااهل آهي.آر او موجب پي ٽي آءِ، باني چيئرمين عمران خان کي سزا ٻڌائي وئي آهي.
اين اي 122 تان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق ، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ لطيف کوسي ۽ اظهر صادق ايڊووڪيٽ جا به نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن.ٻئي طرف اين اي 89 ميانوالي تان بھ عمران خان جي ڪاغذن تي خرم روکڙي ۽ خليل الرحمان اعتراض اٿاريا ھئا.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جا 4 تڪن تان نامزدگي ڪاغذ رد ٿي ويا.شاهه محمود قريشي اين اي 150، 151 ملتان، 214 ٿرپارڪر ۽ 218 پنجاب اسيمبلي جي تڪ تان ڪاغذ جمع ڪرايا ھئا.ريٽرننگ آفيسر اين اي 151 تان زين قريشي ۽ مهر بانو قريشي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا. ٿرپارڪر جي اين اي 214 تان شاهه محمود قريشي ۽ زين قريشي جا ڪاغذ پڻ رد ٿي ويا.رٽرننگ آفيسر آصف علي خاصخيلي موجب سرٽيفڪيٽ نه هجڻ سبب ٻنهي اميدوارن جا ڪاغذ رد ٿيا آھن.ڪوهاٽ جي تڪ اين اي 35 تان پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي ، پي پي 172 تان حماد اظهر جا،قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر ۽ صوبائي وزير شهرام خان جا به نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي اعظم خان سواتي ۽ زلفي بخاري جا قومي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويااعظم خان سواتي اين اي 15 مانسهره تان مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف سامھون نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا.
ٻئي طرف مسلم ليگ ن جي، مريم نواز جا لاهور ۽ سرگوڌا جي سمورن تڪن تان نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا.ھن، لاھور جي ٽن، صوبائي تڪن، 159، 160 ۽ 165 تان ۽ سرگوڌا جي،پي پي 80 تان ڪاغذ جمع ڪرايا آھن.لاهور جي تڪ، اين اي 130 تان مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيا آھن. ساڳئي تڪ تان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ياسمين راشد جا ڪاغذ رد ڪيا ويا.
لاهور جي،تڪ پي پي 172 تان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حماد اظهر جا۽قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 263 ڪوئيٽا تان (پي ٽي آءِ) جي قاسم سوري جا ڪاغذ رد ڪيا ويا.
بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) مينگل گروپ جي سربراهه سردار اختر مينگل جا ،اين اي 256 خضدار ۽ بلوچستان اسيمبلي جي،تڪ پي بي 20 خضدار تان ،ڪوئيٽا اين اي 264 تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.جاچ آفيسر ٻڌايو ته اختر مينگل جا متحده عرب امارات ۾ رهائش سبب نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.
نيب ڪيس سبب اين اي 264 تي آزاد اميدوار خالد لانگو جا نامزدگي ڪاغذ به رد ٿي ويا،ساڳئي تڪ تان بلوچستان عوامي پارٽي جي سينيٽر پرنس آغا عمر جا نامزدگي ڪاغذ به رد ٿي ويا.
صادق سنجراڻي جا اين اي 260 ۽ پي بي 32 چاغي تان منظور ٿي ويا.بلاول ڀٽو جا نامزدگي ڪاغذ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 194 ۽ لاڙڪاڻي جي اين اي 196 تان منظور ڪيا ويا، پيپلز پارٽي اڳواڻ فريال ٽالپر صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي ايس 10 تان منظور ڪيا ويا.ان کانسواءِ اين اي 194 تان جي يو آءِ جي راشد محمود ۽ 196 تان جي يو آءِ جي ناصر محمود جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن، جن جو مقابلو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان ٿيندو.
ٻئي طرف بدين جي قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 223 تان جي ڊي اي اميدوار ۽ اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي فهميده مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا، جڏهن ته اين اي 223 تان سندس مڙس ذوالفقار مرزا ۽ سندس پٽ حسام مرزا جا ڪاغذ رد ڪيا ويا، پ پ اميدوار حاجي رسول بخش چانڊيو اعتراضن ۾ چيو هو ته مرزا خاندان بئنڪن جو باقيدار آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻن،علي محمد خان، مراد سعيد، علي امين گنڊا پور جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿي ويا.ڪي پي ڪي مان عاطف خان،شهرام ترڪئي، شهريار آفريدي، تيمور جهگڙا سميت پي ٽي آءِ جي 29 اميدوارن جا ڪاغذ رد ٿيا. جن ۾ شير افضل، شير علي ارباب ۽ شاندانه گلزار شامل آهن.
اھم سياسي اڳواڻن جي نامزدگيءَ ڪاغذن جي رد ٿيڻ بعد چونڊن عمل، اليڪشن ڪميشن جي آزادي ۽ نگران سرڪار جي اڻڌرئي ھئڻ تي سوال اٿاريا پيا وڃن.