شيخ اياز جي زندگيءَ جا ٻه پاسا

تحرير: سراج ڪلھوڙو

شيخ اياز بنا ڪنهن شڪ جي سنڌ جو مايه ناز نه رڳو شاعر آھي پر ان حقيقت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته اياز سنڌ ۾ ان وقت جوت جلائڻ ۾ مهڙ وارو ڪردار ادا ڪيو جڏھن هتي ٻاٽ واڪا پئي ڪيا. اھو اياز ئي ھيو جيڪو جيڪڏھن چاھي ھا ته شروع کان پنھنجي موج مستي واري زندگي گذاري پئي سگهيو پر ھن ايئن ڪرڻ ۽ سوچڻ بدران سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو جھڙا گيت سرجي غلاميءَ کي تيلي ڏيڻ وارو رستو اختيار ڪيو .

ھن رڳو شاعري نه ڪئي ، پر ھچارين قوتن جون سختيون به سٺيون. ھن سائين جي ايم سيد جي پيرن کي به اھو چئي زور ڏنا ته انھن پيرن سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ  وڏا ڪشالا ڪيا آھن ، انھن پيرن کي ڇھڻ  ۽ انھن جي تعظيم ڪرڻ فرض سمجهان ٿو. اياز سچ ، سنڌ جي سلامتيءَ لاءِ  جيل جون ڪيئي ڀوڳنائون به برداشت ڪيون .

جبل جيڏي زندگي ۾ اياز جيڪڏھن ڪنهن جي نظر ۾ پنهنجي ڪردار ۾ متوازن نه رهيو آھي ته ان تي ڳالهائڻ ۾ ڪو گناهه نه آھي پر اياز جي ڏات ۽ ان جي سماج لاءِ  مثبت پيڙھ رکڻ واري عمل کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. هونئن به محنت ۽ ڏاهپ جو انڪار ته ڪرڻ نه ڪا دانشندي آھي نه وري ڪا چڱي خصالت . انهيءَ ڪري ئي ته چوڻيون مشهور ٿيون آھن ته ڌڪ دشمن جو به مڃڻ گھرجي ۽ اسان وٽ ته اھا چوڻي به مشھور آھي ته قدرت چور جي به محنت ضايع نه ڪندي آھي.

اياز ته اڄ به اتساهه جو سبب بڻيل آھي .  اھا حقيقت آھي ته جڏھن اوچتو ڪو شخص ڪا حرڪت ڪندو آھي ته ان تي وٺ پڪڙ ۽ ساڻس لاڳاپا توڙي سندس اڳئين پورھئي ۾ ڄڻ ته ڪارائتي ضرب لڳي ويندي آھي . اياز سان به بلڪل اھڙو الميو ٿيو، اياز، ڀٽي سرڪار سان ڪنھن به طرح ناتا جوڙي سائين جي ايم سيد جي ڪيمپ مان نڪري ويو يقينن ان وقت سندس اھڙي عمل گهڻين دلين کي رنجايو.

ڀٽي جي سموري دور توڙي جنرل ضيا جي شروعاتي دور تائين اياز جيئن به ڪيو ۽ جيڪو  به ڪيو سو آھستي آھستي وسرجڻ لڳو. سائين جي ايم سيد  جا دروازا ته ڪنھن لاءِ  ڪڏھن بند ٿيندا ئي نه ھيا ، تنھن ڪري جن ڏھاڙن ۾ اياز پنھنجي اگهھ ڪرائڻ جي چڪر ۾ ھيو ته سيد جا مخالف اياز جي اڳ پٺ اڳي ئي ڪندا رھندا ھئا. ۽ جڏھن وري اياز سرڪاري پروٽوڪول کان ھٽيو ته جھڙوڪ سندس ڏوھ گناھ ئي درگذر ٿي ويا  ۽ ائين چئجي ته اياز کي وري ساڳيو مان ملندو رھيو.پر کيس ڀٽي صاحب بلڪ اڃان به کليل چئجي ته ڀٽي صاحب جي به نگهبانن وٽ کيس مان ۽ اھميت به انڪري  پئي مليو ته ھو پنھنجي اڳئين پورھئي کي پٺي ڏئي آيو ۽ وري جڏھن ڀٽي صاحب جو باب به بند ٿيو ۽ کيس نئين سيٽ اپ ۾ جڳھه نه ملي ته جھڙوڪ ھن واپسي ڪئي.  اياز کي پنھنجي اڳئين پورھئي ڀٽي ڪيمپ ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کان ممتاز بڻائي رکيو ھيو.

بعد ۾ ضيا واري لڳ ڀڳ سموري دور ۾ اياز جھڙوڪ پراڻو اياز بڻجي ويو.  پر پ پ حڪومت اچڻ کان پوءِ  وري اياز رنگ بدلائڻ شروع ڪيو ۽  خاص ڪري جڏھن ھن ريڊيو تي پنھنجي انٽرويو ۾ مخدوم بلاول ۽ صوفي شاھ عنايت جي مقابلي ۾ ڀٽي جي ساراھ ڪئي ته وري ھڪ ڀيرو ٻيھر اياز تڪراري بڻجي ويو. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالواحد آريسر صاحب  واويلا وڻڪار جي عنوان سان مضمون لکي کيس گذارش ڪئي ته توھان شاعر آھيو تنھن ڪري سياست ايتري ڪيو جيڪا توھان جي شاعري لاءِ  مناسب ھجي. جڏھن ته سائين جي ايم سيد جيئي سنڌ محاذ جي قومي ڪانگريس دوران مورڳو اياز جي شاعري تي به پابندي لاڳو ڪرائي ڇڏي ته اھا جيئي سنڌ جي پروگرامن ۾ استعمال نه ڪئي وڃي ۽ خاص طور تي سندس سنڌوديش جو ترانو به منع ڪيو ويو ۽ متبادل تراني لاءِ  ھڪ ڪاميٽي پڻ سيد جوڙائي ورتي.

پر مون جيئن مٿي ذڪر ڪيو ته جڏھن ڪو به ماڻهو ڪا اوچتي حرڪت ڪندو آھي ته ان تي سخت رد عمل ٿيندو آھي  پر وقت گذرڻ کانپوءِ  جڏھن ماحول ٺرڻ لڳندو آھي ته وري شيون پنھنجي پنھنجي جاءِ تي واپس اچي وينديون آھن، ائين ڪجھه وقت گذرڻ کانپوءِ  اياز لاءِ  سائين جي ايم سيد ۽ سندس ڪيمپ مان ڪاوڙ جي اھا لھر  جهڪي ٿي، جنھن کان پوءِ  سائين جي ايم سيد  پنھنجي اڳوڻي فيصلي کي واپس وٺندي اھو واضح ڪيو ته اياز جي ذات سان اختلاف برقرار آھي پر ان جي ڏات کان انڪار ڪرڻ مناسب نه آھي ۽ ائين اياز جي شاعري تان پابندي ھٽائي وئي. تنھن ڪري ڪنھن جي فضيلتن کي ھر صورت م مڃتا ملڻ گهرجي.

باقي رھي ڳالهھ ته ڪافي سالن کان اياز ميلو لڳندو رھيو آھي ۽ اھو پروگرام منعقد ڪرڻ وارا سڳورا ڍول سپاھي ئي ھوندا آھن. تنھن. ڪري منھنجي نظر ۾ انھن جي مرضي آھي ته ڪنھن کي به گهرائي وٺن. ھڪ ته اياز پنھنجي خاص طور پڇاڙي وارن ڏينھن ۾ ٻيو به نه پر ٽيون روپ اختيار ڪيو ھيو. جيڪو ٻئي روپ کان به وڌيڪ بڇڙو چئي سگهجي ٿو.

اياز جو ٻيو روپ سندس ذاتي مفادن يا ڊپ جي ور چڙھيل ھيو. جنھن کي ھر ماڻھو محسوس ڪري سگهي پيو ته اياز سون تي سيڻ مٽايا آھن . پر اياز جي ٽئين روپ سندس ماضيءَ جي سموري آدرشوادي جدوجھد کي جھڙوڪ ليڪ ڏئي ڇڏي. ۽ ھو جھڙوڪ پنھنجي اڳئين فھم ۽ فڪر کان ھٿ کڻندي نظر اچي پيو.

بھرحال انھن سمورين ڳالھين جي باوجود به جڏھن به سنڌ جي قومي تحريڪ قومي آزاديءَ قومي ڪردارن جو ذڪر ٿيندو ته اياز کي ان مان ٻاھر ڪڍڻ ممڪن نه آهي. اڄ به اياز جي شاعري زنگيل ذھنن ۽ ضميرن کي ريگ مال وارو ڪم ڏئي ٿي ، لوھي برش وارو ڪم ڏئي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.